English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي شهر جي ترقيءَ لاءِ ماسٽر پلان بابت سيمينار منعقد، رياض شاهه شيرازي به شريڪ
150 views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عالمي سروي موجب 2050ع تائين دنيا جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي شهرن ۾ رهندي ھوندي: ڊاڪٽر امتياز ڀٽي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي شهر جي ترقيءَ لاءِ ماسٽر پلان بابت سيمينار جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ اربن ريجنل پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي، سنڌ حڪومت پاران ٺٽي شهر جي ترقياتي ماسٽر پلان بابت ضلعي ٺٽي جي عوامي نمائندن سان دربار هال مڪلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جو مقصد سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن مطابق اهم اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ جاري رکڻ هو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اربن ڊائريڪٽوريٽ ڊاڪٽر امتياز ڀٽي سيمينار کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته ماسٽر پلان شهري مسئلن جو ھڪ وسيع سلسلو آهي، جنهن ۾ سمورين بنيادي ضرورتن جهڙوڪ رھائش، پاڻي جي فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ پائيدار آلودگي کان پاڪ ماحول، تعليم ۽ صحت شامل آهن. هن چيو ته امن، سلامتي ۽ خوشحالي سان گڏ هڪ منصوبابندي ڪيل شهر جي طور تي اڀرڻ لاء، روزگار، آمدني ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ مقامي ۽ علائقائي معيشت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سڀني تي توجہ ڏيڻ آھي، ان کان علاوہ طاقت، ڪمزوري، موقعن ۽ خطرن جي تجزيي ۽ مستقبل جو ويزن، اقتصادي ترقي جو منصوبو، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ پلان ۽ عملدرآمد فريم ورڪ پڻ اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر امتياز ڀٽي وڌيڪ چيو ته عالمي سروي موجب 2050ع تائين دنيا جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي شهرن ۾ رهندي ھوندي، عالمي معاشي ترقي جو 80 سيڪڙو شهرن تي مشتمل آهي ۽ اڪثر معيشتن لاءِ شهرن کي ”ترقيءَ جي انجڻ“ طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ شهرن کي پائيدار بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صلاحڪارن ۽ ڊائريڪٽوريٽ ذريعي 17 وڏن ثانوي شهرن جا ترقياتي ماسٽر پلان مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، اسلام ڪوٽ، نوابشاهه، نوشهروفيروز، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، دادو ۽ ڄامشورو شامل آهن. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ سنڌ جي ٻين اهم شهرن لاءِ به ڊولپمينٽ ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ 14 ٻين اهم ثانوي شهرن جي ماسٽر پلانن جي تياري پڻ جاري آهي، جن ۾ خيرپور، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، روهڙي، شڪارپور، قمبر، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم، مورو، هالا، سيوهڻ ۽ ميرپور ساڪرو شامل آهن. ان موقعي تي اوقاف، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي ٺٽو ٽائون جي ماسٽر پلان جي حوالي سان پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي قدمن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهم اسٽيڪ هولڊرن جي شرڪت سان ئي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد ذريعي پائيدار ترقي لاءِ ماسٽر پلاننگ ھڪ بهتر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي. هن ان ڏس ۾ پنھنجي هر قسم جي تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجوڻ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ شهر جي مستقبل جي ضرورتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فورم پاران ماسٽر پلان ۾ شرڪت ڪندڙن جي سفارشن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٺٽي لاءِ مشاورتي عمل کي ان تي عملدرآمد تائين جاري رکڻ ۽ ماسٽر پلان تي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽن مهينن اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. سيمينار ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو اعجاز علي هاليپوٽو، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ادا محمد ميمڻ، چيئرمين ٽائون ڪميٽي مڪلي زين العابدين جيلاني، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اربن پاليسي ديال داس راٺوڙ، صحت، تعليم، سوسل ويلفيئرن، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن، اين جي اوز جي نمائندن ۽ صحافين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٽنڊو محمد خان تي مبينا تشدد خلاف احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي شهر
سيمينار
0 تبصرے