English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ۾ پ پ جي يوم تاسيز جي موقعي تي جلسو منعقد، وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ جيالا شريڪ
views
|
01st Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو: ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ ضلعي عمرڪوٽ پاران پ پ جي 57 ھين يوم تاسيس جي موقعي تي رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ ضلعي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ چيو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو ھن چيو ته پيپلز پارٽي اھا واحد پارٽي آھي جنھن غريب مسڪين ماڻھن کي پنھنجا حق ڏنا آھن آئون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ قيادت جو ٿورائتو آھيان جن ضلعي صدارت لاء چونڊيو آھي ٻيون ڪيئي پارٽيون آيون ويون پر پ پ عوامي پارٽي آھي جيڪو عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندي پئي اچي پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو چيو ته پيپلز پارٽي عوامي جمھوري پارٽي آھي ۽ پارٽي جي 57 ھون يوم تاسيس جي موقعي تي سڀني پارٽي جي عھديدارن ڪارڪنن کي مبارڪون ٿو ڏيان ان موقعي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي بقا پلي چيو ته ھتي آيل پارٽي جي سمورن وڪرن کي پ پ جي 57 ھين يوم تاسيس جي موقعي تي مبارڪ ھجي پ پ ھميشه غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي مالڪي ڪئي آھي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين خالد سراج سومرو چيو ته پ پ ھميشه غريب مسڪين ماڻھن جي حقن لاء جھدوجھد ڪئي آھي پ پ اڳواڻ شاھنواز جوڻيجو چيو ته جيسيتائين چنڊ سج تارا رھندا ڀٽو جا نعرا لڳندا محترمه ڪمون شھيد ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو ھنيو ھو ۽ اسان به سنڌو درياھ تي ٺھندڙ 6 ڪئنال کي ٺھڻ نه ڏينداسين اسان سڀ گڏجي ڪئنالن کي رد ٿا ڪريون پ پ اڳواڻ ملڪ محمد چانڊيو چيو ته پ پ ورڪرن کي يوم تاسيس جي موقعي تي مبارڪون ٿو ڏيان سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿو ڪريان اسان کي ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال قبول ناھي ۽ نه ئي ٺھڻ ڏينداسين جڏھن ته جلسي پ پ اڳواڻن عاشق حسين ڇورو، واحد بخش سمون، پ پ ليڊيز ونگ جي عھديدارن نورجھان ڳيلھڙو، گلزاران ڪنڀر، بنسي مالھي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته تاريخي جلسي ۾ پ پ اڳواڻن سيد سرفراز علي شاھ، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر، مدن لال سوماڻي مالھي، دليپ ڪمار مولچنداڻي، ڊاڪٽر گھنشام راٺوڙ، اقبال ميمڻ، عبدالله کوسو، نندلال ميگھواڙ، جئه چوھاڻ، او پي ايس مالھي، راجا رامچند مالھي سميت سوين ڪارڪنن، جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي جيئي ڀٽو جيئي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا نعرا ھنيا ويا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ
مرڪوٽ
0 تبصرے