ٺٽي ۾ ڳوٺاڻو اسڪول بند هجڻ خلاف پريس ڪلب پهچي ويو

مختلف ڳوٺ جا اسڪول 15سالن کان بند پيل آهي: غلام قادر جوکيو

ٺٽي ۾ ڳوٺاڻو اسڪول بند هجڻ خلاف پريس ڪلب پهچي ويو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ۾ ڳوٺ عبدالستار جوکيو لڳ باءِ پاس روڊ ٺٽو جي رھواسي غلام قادر جوکيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ سندن ڳوٺ جو اسڪول گذريل پندرھن سالن کان وٺي بند پيل آھي نه منجھس فرنيچر آھي ۽ نه ئي ڪو استاد مقرر ٿيل آھي ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھن اسڪول جي آس پاس ۾ اسانجي ڳوٺ سميت ڳوٺ آچار ماڇي ، ڳوٺ لونگ ماڇي ، ڳوٺ مرحوم شفيع محمد ھالو ، ڳوٺ منٺار مھيشوري ، ڳوٺ مامون ملاح ، ڳوٺ يارو ملاح ، ڳوٺ آچار سولنگي ، ڳوٺ غلام گندرو ، ڳوٺ خميسو ملاح ۽ ٻيا ڳوٺ اچي وڃن ٿا تن جا سوين ٻار ھن جديد دؤر ۾ به تعليم کان محروم بڻيل آھن ، ھن جو چوڻ ھو ته اسان ڪافي ڀيرا ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول کولي ۽ تدريسي عمل شروع ڪرائڻ جي گذارش ڪئي آھي پر اڃا تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آھي . ھن وزير تعليم سيد سردار شاھ ، سيڪريٽري تعليم ، ڊي اي او ٺٽو ، ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور تحرڪ وٺي اسان جي ڳوٺ جي بند پيل اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪري بنيادي سھولتون فراھم ڪري تدريسي عمل کي شروع ڪرايو وڃي ته جئين اسان جا ٻار به تعليم جھڙي زيور سان آراسته ٿي سگھن.