English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻي جو اعلان
views
|
17th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
22نومبر تي نوشهروفيروز باء پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو، ان لاءِ تياريون جاري آهن: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
نوشهروفيروز( ڊ ر)جسقم پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، ڪامريڊ اياز راڄپر،امتياز کوسو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ وڌيڪ چيو ته 22 نومبر تي نوشهروفيروز باء پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ھن چيو ته اسان جو جياپو سنڌوءَ درياءَ ۾ آهي جنهن ڪري اسان کي سنڌو تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪايو ويندو. ھن چيو ته سنڌو درياءَ جو جياپو ئي سنڌ جو جياپو آھي ۽ پنجاب سنڌ جو سدائين استحصال ڪيو آھي. ھن چيو ته آصف زرداري ڪئنال منصوبي تي صحيح ڪري سنڌ سان غداري ڪري پنهنجو نالو وقت تي اڳوڻي حڪمران ايوب کهڙو جيان غدارن واري لسٽ ۾ لکرائي ڇڏيوآھي ۽ پ پ ڪئنال منصوبي تي ٻھروپئي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ھن چيو ته بلاول جو ڪئنالن خلاف ڏنل بيان جي آجيان ڪيون ٿا پر جيڪڏھن بلاول سچو آھي تہ ڪئنالن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين مان قرار پاس ڪرائي ڇاڪاڻ ته ٻنهي صوبن ۾ پ پ جي حڪومت آھي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاري. ھن چيو ته پنجاب رڳو سنڌ جا وسيلا لٽي رھيو آھي ۽ ھاڻي سنڌ جو باقي پاڻي به کسي سنڌ جي تھذيب کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿو. ھن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج کي وڌيڪ سگھارو بڻايو ويندو ۽ پنجاب ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
جسقم
بشير خان قريشي
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
0 تبصرے