English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻي جو اعلان
327 views
|
17th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
22نومبر تي نوشهروفيروز باء پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو، ان لاءِ تياريون جاري آهن: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
نوشهروفيروز( ڊ ر)جسقم پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، ڪامريڊ اياز راڄپر،امتياز کوسو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ وڌيڪ چيو ته 22 نومبر تي نوشهروفيروز باء پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ھن چيو ته اسان جو جياپو سنڌوءَ درياءَ ۾ آهي جنهن ڪري اسان کي سنڌو تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪايو ويندو. ھن چيو ته سنڌو درياءَ جو جياپو ئي سنڌ جو جياپو آھي ۽ پنجاب سنڌ جو سدائين استحصال ڪيو آھي. ھن چيو ته آصف زرداري ڪئنال منصوبي تي صحيح ڪري سنڌ سان غداري ڪري پنهنجو نالو وقت تي اڳوڻي حڪمران ايوب کهڙو جيان غدارن واري لسٽ ۾ لکرائي ڇڏيوآھي ۽ پ پ ڪئنال منصوبي تي ٻھروپئي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ھن چيو ته بلاول جو ڪئنالن خلاف ڏنل بيان جي آجيان ڪيون ٿا پر جيڪڏھن بلاول سچو آھي تہ ڪئنالن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين مان قرار پاس ڪرائي ڇاڪاڻ ته ٻنهي صوبن ۾ پ پ جي حڪومت آھي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاري. ھن چيو ته پنجاب رڳو سنڌ جا وسيلا لٽي رھيو آھي ۽ ھاڻي سنڌ جو باقي پاڻي به کسي سنڌ جي تھذيب کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿو. ھن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج کي وڌيڪ سگھارو بڻايو ويندو ۽ پنجاب ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
جسقم
بشير خان قريشي
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
0 تبصرے