مرضي سان شادي ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن: ناري
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، مٽياري ضلع واسي نصيبه سولنگي ۽ علي گل سولنگي سجاول جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، وارثن پاران موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهي تحفظ ڏنو وڃي، مٽياري ضلع جي ڳوٺ الهڏنو ساند جا رهواسي نصيبه سولنگي ۽ نوجوان علي گل سولنگي سورج سجاولي پريس پهچي احتجاج ڪندي ناري نصيبه سولنگي چيو ته مون پنهنجي رضا خوشي سان علي گل سولنگي سان سجاول جي عدالت ۾ نڪاح شادي ڪئي آهي جنهن بعد منهنجا ويڳا ڀائر محمد علي، صدام، سومار، پپو، خاوند، صابر ۽ ٻيا اسان جي جان ويري بنجي ويا آھن مونکي ۽ منهنجي مڙس علي گل سولنگي کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن .هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ اعليٰ اختياري کي گهر ڪئي ته اسان کي مائٽن مان جان جو خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.
0 تبصرے