English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، هڪ گودام سيل
10 views
|
15th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ويجيلنس ٽيم محبوب ڀٽي جي نگراني ۾ مهراڻ ٽائون ۾ انٽرنيشنل برانڊ ڊسٽريبيوٽر جي گودام تي ڇاپو هنيو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ويجيلنس ٽيم محبوب ڀٽي جي نگراني ۾ ڪورنگي ضلعي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ هڪ انٽرنيشنل برانڊ ڊسٽريبيوٽر جي گودام تي ڇاپو هنيو جتي سنگين ڀڃڪڙيون سامهون آيون. تفصيل موجب جاچ دوران وڏي مقدار ۾ ايڪسپائر۽ خراب ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو. هٿ آيل سامان ۾ الديوا چاڪليٽ جا 27 هزار پيڪيٽ، هرنيلا ماکي جون 660 بوتلون، هوتسا زيتون جو تيل جون 930 بوتلون ۽ نيچر هوم پينٽ بٽر جون 400 بوتلون شامل. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو آپريشن بابت ٻڌايو ته گودام جي حالت انتھائي خراب ھئي. معائني دوران مئل ڪوئا پڻ گودام ۾ چاڪليٽ ۽ ٻين شين ڀرسان پيل ھئا. گودام ۾ جراثيم ڪش قدمن جي کوٽ هئي. گودام ۾ ھاڃيڪار خوراڪ جي فراهمي تک سنڌ فوڊ اٿارٽي گودام سيل ڪري 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو وڌيڪ چيو ته عوام جي صحت سان کيڏندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. محفوظ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آپريشن جاري رهندو. هن وڌيڪ چيو ته فوڊ اٿارٽي جون ٽيمون سڄي سنڌ ۾ سرگرم آهن ۽ عوام جي صحت جي اصولن تي عمل ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ فوڊ اٿارٽي
ڪراچي
0 تبصرے