ترقياتي منصوبن جي مؤثر تشهير لاءِ آفيسرن کي پبلڪ رليشنز ۽ ابلاغ جا ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن: محمد سليم خان

اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي استعمال جي تربيت ڏني ويندي: ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سنڌ

ترقياتي منصوبن جي مؤثر تشهير لاءِ آفيسرن کي پبلڪ رليشنز ۽ ابلاغ جا ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن: محمد سليم خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات محمد سليم خان چيو آهي ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي مؤثر تشهير لاءِاطلاعات کاتي جا آفيسر ابلاغ جا سڀئي ذريعا استعمال ڪن، جيئن عوام کي انهن بابت پوري ڄاڻ مهيا ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ صوبائي وزيرن ۽ کاتن سان لاڳاپيل اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي اجلاس دوران ڪيو. ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان، ڊائريڪٽر پبليڪيشنز امتياز جو يو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن عليم خان به ان موقعي تي موجود هئا. ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات چيو ته ترقياتي منصوبن جي مؤثر تشهير سان گڏوگڏ صوبائي کاتن ۽ ميڊيا جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا برقرار رکڻ آفيسرن جي ذميواري آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت جا ڪيترائي اهڙا منصوبا آهن جن بابت عوام کي صحيح ڄاڻ حاصل ناهي. ان حوالي سان لاهور، پشاور ۽ اسلام آباد جي صحافين جي تازن دورن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن سڀني صوبن ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڏاڍي حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ انهن چيو ته سنڌ بابت اهو تاثر، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته هتي ڪم نٿو ٿئي، بالڪل غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحافين جي وفدن خاص طور تي صحت، تعليم ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ چيو ته سنڌ بابت انهن جي ذهنن ۾ جو منفي تاثر هو، اهو ختم ٿي ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات وڌيڪ چيو ته آفيسرن کي پنهنجي کاتن جي مڪمل ۽ جاري منصوبن جي تشهير لاءِ سوشل ميڊيا جو به استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي روزاني وڌندي مقبوليت حڪومت جي منصوبن جي مؤثر تشهير ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ان تجويز سان اتفاق ڪيو ته اطلاعات کاتي جا آفيسر آرٽيفيشل انٽيليجنس جي استعمال لاءِ تربيت حاصل ڪن. هن کاتي جي سوشل ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ کي ان حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جو ترجمان آهي ۽ صوبائي کاتن ۾ ان کي اهميت ۽ مخصوص حيثيت حاصل آهي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر معين الدين خان، عاطف وگھيو، سعد علي، سهيل جوکيو جڏهن ته انفارميشن آفيسرن شکور شيخ، آصف ڏيرو، شڪيل ڏوگر، آنند ڪمار، فاروق ممتاز، مراد وحيد شامل هئا