پاڪستان جي آزادي کان پوءِ، سن 1947ع کان تعليم جي نظام ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن، آزادي جي وقت خواندگي جي شرح فقط ٪15 فيصد هئي. شروع وارن ڏهاڪن ۾ معاشي دٻاءُ ۽ سياسي عدم استحڪام سبب تعليم ۾ ترقي آهستي آھستي ٿي، سن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ تعليمي ادارن جي قومي ملڪيت ۽ بعد ۾ جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ابتدائي ۽ اسلامي تعليم تي ڌيان ڏيڻ سان خواندگي جي شرح ۾ ڪجهه واڌ آئي، ائين سن 2000ع جي ڏهاڪي ۾ تعليمي شعبي ۾ ريفارمز ۽ يونيسيف جهڙين تنظيمن ۽ ملينيم ڊولپمينٽ گولس جي ذريعي تعليم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته صنفي فرق کي گهٽائڻ، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ استاد جي تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. تعليمي پسمنظر ۽ تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ مجموعي خواندگي جي شرح ٪62.3 فيصد تائين پهتي آهي، جڏهن ته 2023 تائين 22.8 ملين يعني ( ٻه ڪڙور 80 لک)کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا جنھن جي عمر 5 کان 16 سالن تائين ھئي، ملڪ جي خاص طور تي ڳوٺن ۽ تڪراري علائقن ۾ صنفي فرق اڃا به برقرار آهي، جتي مردن جي خواندگي تقريباء ٪70 سيڪڙو آهي ۽ عورتن جي خواندگي ٪54 جي لڳ ڀڳ آهي. پاڪستان ۾ تعليم تي مجموعي جي ڊي پي جو ٪2 سيڪڙو (ٻه)خرچ ٿئي ٿو، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي پر اڃا تائين پاڪستان کي ڪيترائي تعليمي ميدان ۾ مشڪلاتون موجود آهن، جيڪي معياري تعليم جي فراهمي، صنفي امتياز وسائل جي ڪمي ، ميرٽ جو فقدان وغيره شامل آھن،
تعليم جي نظام ۾ 12 سالن جي بنيادي ۽ ثانوي تعليم ۽ 4 سالن جي اعلي تعليم شامل آهي، جيڪا عالمي معيار سان گڏوگڏ ترتيب ڏنل آهي. انهن سطحن تي ڪيترائي اهم مسئلا آهن، جن ۾ وسيلن جي کوٽ، شهري-ديهي ورهاست، صنفي فرق ۽ قابل استاد جي کوٽ اهم آهن،
پاڪستان ۾ خواندگي ۽ تعليم تي اثر انداز ٿيندڙ عنصر غربت ۽ معاشي مسئلا، صنفي عدم برابري، تعليمي سهولتن جي کوٽ ۽ سياسي عدم استحڪام پاڪستان ۾ تعليم جي شعبن تي وڏو اثر وجهن ٿا. ديهي علائقن ۾ اڪثر اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ قدرتي آفتون ۽ سياسي تبديليون تعليمي پاليسين جي تسلسل کي سخت متاثر ڪن ٿيون. پاڪستان ۾ تعليمي بحران جا اهم اثر جيڪي پاڪستان ۾ خواندگي ۽ تعليم تي سخت اثرانداز ٿيندڙ آھن انھن ۾ غربت، صنفي عدم برابري، تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، ۽ سياسي عدم استحڪام شامل آهن. ديهي علائقن ۾ اڪثر اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جهڙوڪ بجلي، پاڻي، ۽ سٺي تربيت يافته استاد ۽ تعليم تي ايندڙ ٻيون آفتون، جنھن ۾ قدرتي آفتون ۽ سياسي تبديليون شامل آھن ان ڪري تعليم جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽون آڻين ٿيون.
پاڪستان ۾ سن 2023ع ۾ 303,000 (3 لک 3 هزار ) اسڪولن جنھن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول شامل آھن انھن ۾ تقريبا 53 ملين(5 ڪڙور 30 لک) شاگرد داخل ٿيا. صوبائي سطح تي ڏٺو وڃي ته پنجاب سڀني کان اڳتي آهي، جتي اسڪولن ۽ شاگردن جو انگ سڀني کان وڌيڪ آهي، ان جي پٺيان سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه اچن ٿا. بلوچستان جنهن جو جغرافيائي علائقو وسيع ۽ آبادي گھٽ آهي، اسڪولن ۽ شاگردن جو تعداد پڻ گھٽ نظر اچي ٿو.
ملڪ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن مان تقريبا 8 ملين(80 لک) پنجاب ۾، 6.5 ملين ( 65 لک) سنڌ ۾، ڪي پي ڪي ۾ 5.1 ملين (51 لک) ۽ 2.5 ملين( 25لک) بلوچستان ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
سنڌ جي تعليمي صورتحال خاص طور تي ڳڻتي جوڳي آهي سنڌ ۾ تعليم جي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻارن جو اسڪولن کان ٻاهر هجڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، سنڌ ۾ 6.5 ملين ( 65 لک ) ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن سنڌ ۾ تعليم جي اڻپوري رسائي جو اثر سماجي استحڪام، اقتصادي ترقي ۽ انساني حقن تي پوي ٿو، خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جتي تعليمي سهولتن جي اڻپوري/ کوٽ ۽ ڊراپ آئوٽ شرح وڌي رهي آهي. تعليمي گھٽتائي سنڌ جي معيشت لاءِ وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪري ٿي. گهٽ شرح خواندگي سان تعليم يافته ۽ قابل ماڻھن جي کوٽ ٿيندي رهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار ۽ جدت جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهو بحران بي روزگاري ۾ اضافو ۽ روزگار جا محدود موقعا پيدا ڪري ٿو، جنهن سبب نوجوانن ۾ سماجي مايوسي ۽ عدم مساوات جو احساس وڌي ٿو، جنهن مان امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، سنڌ ۾ صنفي فرق، تعليمي ادارن جي ناقص بنيادي ڍانچي ۽ سياسي عدم استحڪام به تعليم کي متاثر ڪن ٿا، سنڌ اندر اڪثريت ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ کان قاصر آهن
اڪثر اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جنهن سان تعليمي اصلاحات جي استحڪام ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي، سنڌ ۾ تعليم جي رسائي جي کوٽ انساني حقن جي مسئلن کي به وڌائي ٿي، تعليم جي گهٽتائي سان ٻار ۽ نوجوان سماجي شعور کان محروم ٿي ويندا آهن، جنهن سبب انهن کي استحصال ۽ مختلف مشڪلاتن جو مونھن ڏيڻو پوي ٿو.
ان سڄي صورتحال ۾ سماجي امن ۽ استحڪام تي به گھڻو گھيرو اثر پوي ٿو تعليمي موقعن جي کوٽ سماجي عدم استحڪام ۽ امن تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿو. بي روزگاري ۽ سماجي فرق کي وڌائڻ سان سماجي مايوسي وڌي ٿي ۽ انتها پسندي جي صورت ۾ ظاهر ٿي ۽ ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو آهي، جيڪو سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ امن ۽ سيڪيورٽي جي صورت حال لاءِ پڻ خطرو آهي،
سنڌ ۾ تعليمي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪوششون گهربل آهن، جنهن ۾ تعليمي ڍانچو مضبوط ڪرڻ، صنفي فرق گهٽائڻ، ۽ موثر پاليسي جو تسلسل لازمي رکڻ آھي، سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي ۽ مستقل بنيادن تي ڪيل سرمايه ڪاري سان ئي تعليمي بحران مان نڪري سگهجي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي، سماجي امن، ۽ انساني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، جديد ڪوششون جئين ته سرڪاري ۽ نجي ڀائيواريون، پارٽنرشپ ، غير رسمي تعليم ۽ فني تربيت جون ڪوششون، خواندگي جي شرح کي وڌائڻ ۽ تعليمي عدم برابري کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿيون. ملڪ جي سرڪار اسڪولن مان ڊارپ آوٽ ٿيندڙ شرع تي گھيري نظر رکي ۽ انھن جي روڪٿام لاء گھربل سھولتون جي گھرجي کي پوري ڪري، ملڪ مان 22.8 ملين ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لاء سجينده ٿي سوچڻو پوندو.
ngt.afridi@gmail.com
0 تبصرے