سردار صالح ڀوتاڻي جو پراڻو ساٿي بابو فيض محمد شيخ پيپلز پارٽي ۾ شامل

بابو فيض محمد شيخ صالح ڀوتاڻي ڪاروان کي الوداع ڪري ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري چڏ

سردار صالح ڀوتاڻي جو پراڻو ساٿي بابو فيض محمد شيخ پيپلز پارٽي ۾ شامل

بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سردار صالح ڀوتاڻي جي 40 ورهين کان ويجهو رهندڙسياسي ساٿي حب ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين بابو فيض محمد شيخ صالح ڀوتاڻي ڪاروان کي الوداع ڪري ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري چڏي حب ۾ پريس ڪانفرنس پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي اڳواڻ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي صنعت ۽ تجارت واري صلاحڪار مير علي حسن زهري چيو ته بابو فيض محمد شيخ کي ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته حب جي ترقي لا۽ ڪوشان آهيان بابو شيخ تجريبڪار ۽ حب جي مسئلن کان واقف آهي ڪوشش هوندي ته جلد کان جلد حب جا مسئلا حل ڪري عوام سان ڪيل واعدا وفا ڪيا ويندا ،