English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ معذورن کي نوڪريون نٿيون ملن: سڪندر ڀٽي
38 views
|
12th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪرپٽ مافيا معذورن جي نوڪرين ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل آهي: رحيم بخش بروهي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي رھواسي ، معذورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سڪندر علي ڀٽي ۽ رحيم بخش بروهي عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آھي تہ ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ موجود ڪرپٽ مافيا اسان معذورن جي نوڪرين ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي ھنن جو چوڻ ھو ته سال 2022 ۾ سپريم ڪورٽ واضع حڪم ڏنو ۽ 112ماڻھن جي لسٽ به جاري ڪئي جنھن تحت اسان کي معذور ڪوٽا مان نوڪريون ملڻيون ھيون پر ان وقت جي ڊي سي ٺٽو فقط انھن چئن ماڻھن کي نوڪريءَ جا آرڊر جاري ڪيا جيڪي ان ڪيس جا پٽيشنر ھئا باقي معذورن کي مھيني بعد آرڊر جاري ڪرڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو ٻيھر جڏھن ڊي سي ٺٽو کان آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته اتي موجود عملي ٻڌايو ته اسان وڌيڪ 40 معذورن جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آھن ۽ ھاڻي اسان وٽ وڌيڪ خالي جايون ناھن ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان جڏهن کانئن انھن 40 ماڻھن جي لسٽ گھري تہ ڊي سي آفيس ٺٽو جي عملي اسان کي ڌاٻا ۽ ڌڪا ڏئي آفيس مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ، ھنن جو چوڻ ھو ته اسانکي خدشو آھي تہ سپريم ڪورٽ جي واضع حڪمن کي ٿڏيندي ڊي سي آفيس ٺٽو جي عملي سياسي ماڻھن سان ملي ڀڳت ڪري اسان معذورن جي حق تي ڌاڙو ھڻي نوڪريون چڱن ڀلن ماڻھن سان وڪيون آھن ، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته خدارا پنھنجي ڏنل فيصلي تي عمل درآمد ڪرايو ۽ 112 معذور ماڻھن کي روزگار ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريو ان سان گڏ ھنن ڊي سي ٺٽو کان به مطالبو ڪيو آھي تہ سندن نوڪريءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل سندس عملي خلاف انڪوائري ڪرائي ۽ گڏوگڏ ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان به مطالبو ڪيو آھي تہ حڪومتي مقرر معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ واري عمل کي بہ صاف شفاف ۽ يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڊي سي آفيس ٺٽو
0 تبصرے