مرڪزي تنظيم راڄپر برادري پاڪستان پاران تعلقي ڀريا جو اجلاس
نوشھروفيروز (ڊ-ر)دنيا ۾ ترقي حاصل ڪرڻ لاء تعليم جو هجڻ ضروري آھي ، سردار احمد خان راڄپر (جونيئر) ، اسان راڄپر برادري سميت هر پاڙي واري جي خدمت تي يقين رکون ٿا ، حاجي عبدالرشيد راڄپر، مرڪزي تنظيم راڄپر برادري جو ويزن هر وستي ۽ ڳوٺن ۾ سٺي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولت آھي اڳواڻن جو خطاب، خبر موجب نوشھروفيروز ڀرسان ڳوٺ باغ علي راڄپر ۾ مرڪزي تنظيم راڄپر برادري پاڪستان پاران تعلقي ڀريا جو اجلاس چيف سردار خالد احمد خان راڄپر جي فرزند سردارزاده احمد خان راڄپر (جونيئر) جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف برادرين جي معززن ڊاڪٽر امتياز علي اڄڻ،رضا محمد چنہ سميت راڄپر برادري جي ڊاڪٽر عابد راڄپر، علي اڪبر راڄپر ، حاجي مرزا راڄپر سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته حيدرآباد جي ڊويزنل صدر ساجن راڄپر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان خوشقسمت آھيون جو اسان جا سردار پنهنجي برادري کي ترقي ڏيارڻ جو علم بلند ڪيوآھي جڏهن ته ضلع صدر نوشھروفيروز وحيد گل راڄپر خطاب ڪندي چيو ته محنت جو ڦل الله ڏيندو آھي ۽ اسان راڄپر برادري سميت هر قوم ۽ فرد جي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ سردار صاحب جي حڪم تي هر بنا ڪنهن فرق جي سڀن جي خمت ڪنداسين، تعلي صدر ڀريا حاجي عبدالرشيد راڄپر آيل مهمانن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ راڄپر برادري رهي پئي پر ٻڌي نه هجڻ سبب سڀ ڇڙوڇڙ آھيون ۽ اهو ئي سبب آھي ته اسان ڪمزور آھيون، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري ڀريا عابد راڄپر چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ ھر قبيلي جي ڪنهن نه ڪنهن نالي سان تنظيم آھي پر اهي صرف پنهنجي برادر کي اهميت ڏين ٿا پر مرڪزي تنظيم راڄپر برادري پاڪستان واحد تنظيم آھي جيڪا راڄپر برادري سميت مڙني قومن ۽ قبيلن جي خدمت جو جذبو رکي ٿي جڏهن ته اجلاس کي خصوصي خطاب سردار احمد خان راڄپر (جونيئر) ڪندي چيو ته اسان جو مقصد سنڌ ۾ سٺي تعليم سٺي صحت ۽ هر وستي هر واهڻ ۽ ڳوٺن جون بنيادي سهولتون عوام کي ڏيارڻ آھن ۽ اهي صرف راڄپر برادري نه پر سنڌ جي فرد لاء آھي، هن چيو ته پاڙي وارن جو خيال ڪندا ڪريو ۽ پاڙي سان سٺا تعلقات رکو سردار احمد خان چيو ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيو ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم طرف توجه ڏيو اسان پنهنجي برادري سميت سنڌ جي هر فرد جي خدمت تي يقين رکون ٿا هن چيو ته راڄپر خاندان هميشه غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي بنا فرق خدمت ڪئي آھي ۽ راڄپر هائوس چيھو جا دروازه عوام لاء چوويھ ڪلاڪ کليل آھن جڏهن ته اجلاس کي مولوي امتياز راڄپر، حاجي باغ علي راڄپر، معشوق راڄپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته پري پري کان آيل مهمانن لاء لاء لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو
0 تبصرے