محمد الياس برفت، حاجي نواب الدين برفت، محمد شريف برفت محمد جمن برفت ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجهريو) بحريه ٽائون لڳ ڳوٺن جي معززن خلاف سوشل ميڊيا مهم، ڪردارڪشي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، نعريبازي، دنگن، ماڳ ۽ مڪانن لاء جدوجهد ڪندڙن کي سوشل ميڊيا ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو اڳواڻ تفصيل موجب بحريه ٽائون لڳ ڳوٺن جي معززن سماجي اڳواڻن محمد الياس برفت حاجي نواب الدين برفت، محمد شريف برفت محمد جمن برفت ۽ ٻين جي سوشل ميڊيا مهم ذريعي ڪردارڪشي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ڪالھ گرين بحريه گيٽ کان نعرا هڻندي تلوار چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي محمد سليم برفت نور حسن برفت ياسين برفت محمد عالم برفت راڻو برفت رجب برفت زبرالدين برفت ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻڻ چيو ته نامعلوم ماڻهون جعلي آئيڊين ذريعي اسان جي ڳوٺن جي معززن خلاف مهم هلائي ڪردار ڪري رهيا آهن جنهن عمل کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو هنن چيو ته ڳوٺاڻن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويا جن ۾ ناڪامي بعد سوشل ميڊيا استعمال ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته بحريه ٽائون کان اڳ جا آباد آهيون مختلف جواز گهڙي تنگ ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي وري معززن کي نشاني تي رکيو ويو آهي
0 تبصرے