سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران اسماعيل ڏاهري بابت اهم حڪم جاري

اسماعيل ڏاهري جون ڀينرون پوليس جي زيادتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پهچي ويون

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران اسماعيل ڏاهري بابت اهم حڪم جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي آئي جي سنڌ پوليس کي اسماعيل ڏاهري ۽ سندس مائٽن مٿان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،

اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميده ڏاهري ۽ فريده ڏاهري وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پوليس خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس روزانو ڳوٺن تي چڙهايون ڪري رهي آهي،

سمورا مريد جيلن ۾ آهن، گهرن ۾ صرف عورتون بچيون آهيون، وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته پوليس عورتن تي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي تنهن ڪري ڊپ کان درخواستگذار ڪراچي ۾ اچي رهيا آهن،

رات جو 3 وڳي ميمڻ ڳوٺ پوليس درخواستگذار حميده ڏاهري جي پٽ علي مصطفيٰ کي کنڀي کڻي وئي آهي، عدالت ايس ايس پي ملير کي ستن ڏينهن اندر پوليس پاران کنڀيل علي مصطفيٰ ڏاهري کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

عدالت آئي جي سنڌ پوليس کي نئين جانچ ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران اسماعيل ڏاهري ج به حڪم، آئي جي سنڌ پوليس، آئي جي جيل، ايس ايس پي ملير کي 7 نومبر تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسماعيل ڏاهري اقتداري پارٽي جي مخالفت ۾ آزاد اميدوار اليڪشن وڙهي هئي جنهن تان کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سنڌ پوليس پنهنجا قانوني فرض نڀائڻ بدران صرف اقتداري ڌر جي چونڊيل نمائندن جي پرائيوٽ فورس طور ڪم ڪري رهي آهي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذارن جي ڀائرن، ٻارن سميت گهر جي سمورن مردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي يا کنڀي گم ڪيو ويو آهي،

وڪيل سجاد احمد چانڊيو جو چوڻ هو ته درخواستگذارن جي ڀائرن تي ئي نه پر سندن همدردن ۽ ووٽرن تي به پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ، اسماعيل ڏاهرين جي ڀينرن جو چوڻ هو ته اسماعيل ڏاهري جي زندگي کي خطرو آهي، هو دل جو مريض آهي، جيل اختياريون سندس علاج نه پيون ڪرائين.