نوشهروفيروز ۾ کوسا برادري جو احتجاج، پوليس تي مردن ۽ عورتن کي کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام

پوليس معذور نينگر سعود، سندس ڀيڻ شهنيلا، امڙ شهزادي، ريشمان ۽ صدورو کي کنڀي کڻي وئي: مظاهرين

نوشهروفيروز ۾ کوسا برادري جو احتجاج، پوليس تي مردن ۽ عورتن کي کنڀي کڻي وڃڻ جو الزام

نوشھروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ڀرسان ڳوٺ نم وارا کوسا رھواسي نوشھرو فيروز پوليس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب اڳيان فيض محمد ۔شير علي کوسو۔يوسف کوسو ۔اصغر کوسو محمد علي ۔قلندر بخش۔ مسمات اميران کوسو مسمات سوڊي ۔مسمات فاطمه ۽ ٻين عورتن مردن سخت احتجاج ڪيو پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڄ رات ايس ايڇ او منيم لاڙڪ پوليس اٽالا وٺي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ گھڙي بلاجواز اسان جي عورتن ۽ مردن کي کنڀي ويو آھي نڪو فرياد ۽ نه درخواست آ پوليس اسان جا مرد عورتون صدور۔مسمات ريشمان سعود جي۔ڀيڻ۔شھنيلا۽ھٿ کان معذور سعود ۽سندس امڙ شھزادي کي گم ڪري ڇڏيو آھي جڏھن اسان ٿاڻي تي ويا آھيو ن ايس ايڇ او منيم لاڙڪ پنج لک روپيا رشوت گھري ٿو چوي ٿو نه ڏيندئو ته ڳرن ڪيسن ۾ ڦاسائيند اسين ۽ ايس ايس پي جو چوڻ آھي انھن کي ھاف ڦرائي ڪر ۽ ڪيس داخل ڪر اسان مزدور ماڻھو آھيون روزڪمائي روز کائون اسان ايترا پسا ڪٿان آڻيون اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريو ته ھن ظالم ايس ايڇ او کي ھٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان مردن عورتن سميت ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين جيڪو ڪرپٽ ايس ايڇ او منيم لاڙڪ جي ھٽڻ تائين جاري رھندو نيشنل ھاء وي بند ڪنداسين فورن گھرن مان بلا جواز ڇو کنڀيل سڀني کي آزاد ڪيو وڃي ۔۔