ڪراچي پريس ڪلب جي وفد جي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان ملاقات

چيف سيڪريٽري سان صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد جي اڳواڻي ۾ وفد محمد منصف، شمس ڪيريو ملاقات ڪئي

ڪراچي پريس ڪلب جي وفد جي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان ملاقات

ڪراچي(رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان ڪراچي پريس ڪلب جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد ڪئي. هن ملاقات ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي نون ميمبرن جي پلاٽن، ايل ڊي اي جي ليز، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. هن ملاقات ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات محمد سليم خان، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، پلاٽ ڪاميٽي جي سيڪريٽري شمس ڪيريو، اسپيشل سيڪريٽري بلديات، ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران صدر ۽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب ميمبرن کي درپيش مسئلن، نون ميمبرز جي پلاٽ جي الاٽمينٽ، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ليز، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي الاٽيز جي پلاٽن ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت آگاهي ڏني. چيف سيڪريٽري سنڌ ميمبرن جي مسئلن کي غور سان ٻڌڻ بعد پريس ڪلب جي ڀلائيءَ لاءِ مڪمل سهڪار جي يقين ڏياريو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه وفد کي پريس ڪلب لاءِ رکيل زمين جي مسئلن ۽ ان جي ترقي لاءِ مختلف منصوبن بابت لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هڪ تاريخي ادارو آهي ۽ ان جي ميمبرن جي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو. حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي ته جيئن پريس ڪلب جي ميمبرن جي زندگين ۾ هاڪاري تبديليون اچن. ملاقات ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ پنهنجي سربراهيءَ ۾ قائم ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهي ڏني. اجلاس جي آخر ۾ صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي حڪومت طرفان مسئلن جي حل لاءِ ڏياريل يقين تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي مدد سان پريس ڪلب جي ميمبرن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي ايندي.