ٺٽي ۾ پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ضلعي انتظاميه پاران آگاهي ريلي

اي ڊي سي ون محمد علي خواجا، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ضلعي انتظاميه پاران آگاهي ريلي

ٺٽو (شفيق ڀٽي)پوليو جي "عالمي ڏهاڙي " جي موقعي تي ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران آگاهي ريلي جو اھتمام، پوليو جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه ۽ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه اميرخاني جي اڳواڻي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ سول اسپتال کان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، مختلف کاتن جي آفيسرن، اين جي اوز جي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه ۽ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه اميرخاني ۽ ٻين چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پوليو کان آگاهي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڃا تائين پوليو جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي جيڪو ٻارن کي پوري زندگي جي لاءِ معذور بڻائي ٿو، والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي ھميشہ جي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ٻہ ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن قوم جي معمارن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان محفوظ بڻائي سگهجي.