ڊي سي محمد ارسلان سليم جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي
نوشهرو فيروز (ڊر) پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، فيملي پلاننگ، صحت، روينيو، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي پڄاڻي تي شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته 24 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد والدين ۾ پوليو جي مرض بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ پوليو ورڪرن کي خراج تحسين پيش ڪيو، ان والدين ۽ استادن کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مرض ٻيهر وڌي رھيو آهي، ڀرپاسي جي ضلعن ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد اسان لاءِ خطرو وڌي ويو آهي. ضلعي جا والدين پوليو ٽيمن سان تعاون ڪريو ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور ڏيو. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ 28 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي پوليو آفيسرن ۽ صحت کاتي جي سپروائيزرن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سمورن تعليمي ادارن جي آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي اسڪولن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي پوليو جي لسٽ فراهم ڪن ۽ پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن.
0 تبصرے