English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايم ڊي ڪيٽ پيپرن جو سودو ڪيو ويو، ايس پي ايس سي جون نوڪريون وڪڻيون ويون: اياز لطيف پليجو
160 views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ميرٽ ذريعي سنڌ کي بدلائي ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان ايم ڊي ڪيٽ جي پيپرن جو سودو ڪري، نوڪرين ۾ ڀرتيءَ جي عمر گھٽائي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون نوڪريون وڪڻي، ڪروڙين نوجوانن ۽ شاگردن جي مستقبل جو، انھن جي آسن، اميدن، محنتن، جذبن ۽ خوابن جو خون ڪيو آھي. ان سنگين جرم جا ذميدار اوھين سڀ حڪمران، موجوده ۽ ايندڙ نسلن جا ۽ انھن جي گھرڀاتين جا قاتل آھيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ميرٽ ذريعي سنڌ کي بدلائي ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي. زراعت کان وٺي ھر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جائي والاري آھي. ٻين ملڪن ۾ ماڻھن جي جڳھ تي ربوٽ جائي والاري آھي. سنڌ ماڻھو گھران نڪرن ٿا تہ شام تائين سلامتي سان واپسي جو خطرو ۽ خوف رھي ٿو. ھٿ وٺي سنڌ کي قيد خانو بنايو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو قيديءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جا ماڻھو بيدار نہ ھجن. باشعور نہ ٿين. آھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن. ڪنڌ کڻي ھلي نہ سگھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي پنجاب ۾ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو سنڌ دشمن آھي.ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي سنڌو درياءُ مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاهي سنڌو درياءُ کي قيد ڪرڻ جا سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
MDcate
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے