English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايم ڊي ڪيٽ پيپرن جو سودو ڪيو ويو، ايس پي ايس سي جون نوڪريون وڪڻيون ويون: اياز لطيف پليجو
views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ميرٽ ذريعي سنڌ کي بدلائي ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان ايم ڊي ڪيٽ جي پيپرن جو سودو ڪري، نوڪرين ۾ ڀرتيءَ جي عمر گھٽائي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون نوڪريون وڪڻي، ڪروڙين نوجوانن ۽ شاگردن جي مستقبل جو، انھن جي آسن، اميدن، محنتن، جذبن ۽ خوابن جو خون ڪيو آھي. ان سنگين جرم جا ذميدار اوھين سڀ حڪمران، موجوده ۽ ايندڙ نسلن جا ۽ انھن جي گھرڀاتين جا قاتل آھيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ميرٽ ذريعي سنڌ کي بدلائي ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي. زراعت کان وٺي ھر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جائي والاري آھي. ٻين ملڪن ۾ ماڻھن جي جڳھ تي ربوٽ جائي والاري آھي. سنڌ ماڻھو گھران نڪرن ٿا تہ شام تائين سلامتي سان واپسي جو خطرو ۽ خوف رھي ٿو. ھٿ وٺي سنڌ کي قيد خانو بنايو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو قيديءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جا ماڻھو بيدار نہ ھجن. باشعور نہ ٿين. آھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن. ڪنڌ کڻي ھلي نہ سگھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي پنجاب ۾ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو سنڌ دشمن آھي.ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي سنڌو درياءُ مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاهي سنڌو درياءُ کي قيد ڪرڻ جا سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
MDcate
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے