English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شيرازي خاندان جو بنيادي مقصد عوام جي بلا امتياز خدمت ڪرڻ آهي: سيد اياز شاهه شيرازي
49 views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ايم اين اي اياز شاهه شيرازي جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ آجياڻو ڏنو ويو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ايم اين اي سيد اياز شاهه شيرازي کي اڄ عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران شاندار آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي سيد اياز شاهه شيرازي خطاب ڪندي چيو ته شيرازي خاندان جو بنيادي مقصد عوام جي بلا امتياز خدمت ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جو عوام شيرازي خاندان سان محبت ڪري ٿو ۽ اسان جو خاندان ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي.ايم اين اي سيد اياز شاهه شيرازي ٻڌايو ته عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي 33ڪلو ميٽرڪيٽي بندر روڊ منظور ڪرايو ويو آھي هن چليا کان حيدرآباد تائين جي روڊ لاءِ به 35 ڪروڙ رپيا منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو.هن پنهنجي خطاب ۾ صحافتي ميدان ۾ عوامي پريس ڪلب جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته "عوامي پريس ڪلب جا صحافي ضلعي ٺٽي جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن تي آئون کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو." هن وڌيڪ چيو ته صحافت هڪ عظيم شعبو آهي ۽ عوامي پريس ڪلب ٺٽي جا صحافي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.سيد اياز شاهه شيرازي پنهنجي تقرير دوران ضلعي ٺٽي جي مسئلن تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي ٺٽي جي مسئلن تي سنجيده ٿيڻ گهرجي.سيد اياز شاهه شيرازي اين سي ايڇ ڊي واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو ته اھو اشو پڻ اسان حل ڪرائي رھيا آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته نئين بارڻ واري پل جيڪاارڙهن سئو سٺ واري ڏهاڪي جي تعمير ٿيل آھي ۽ زبون حال آھي ۽ ڪنهن به وقت حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.تنھن جو به ست سئو ميٽرن جو ڏيڍ ارب روپين جو مون ٽينڊر منظور ڪرايو آھي جنھن جو ڪم جلد شروع ٿيندو.آخر ۾ هن پيپلز پارٽي جو ذڪر ڪندي چيو ته "اسان بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن ۽ پارٽي جي مشن تحت ٺٽي ۽ سجاول جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آهيون."ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن سيد اياز شاهه شيرازي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس اجرڪون ۽ لونگون تحفي طور پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد اياز شاهه شيرازي
شيرازي خاندان
ايم اين اي اياز شاهه
0 تبصرے