English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: لاسي ڳوٺ کانپوء ايوب ڳوٺ جي عوام به لالا رحيم کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
212 views
|
20th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
لالا رحيم جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيل آھي کيس ٽائون چيئرمين جي عهدي تان هٽائي ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين
ڪراچي(اعجاز چانڊيو)سھراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا رحيم خلاف قلم ڌڻين جي احتجاجي ريلي. ريلي ايوب ڳوٺ پراڻي پوليس چونڪي کان مين ايوب ڳوٺ کان ٿيندي ايسٽ نيشنل پريس ڪلب پھتي. احتجاج ڪندڙن لالا رحيم کي ھٽائڻ ۽ سنڌي وسندين ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جا اڀ ڏاريندڙ نعره ھنيا. صحافي نبي بخش خاصخيلي ۽ ٻين کي ٽائون چيئرمين سھراب ڳوٺ لالا رحيم پٺاڻ پاران ھرجاڻي جو ليگل نوٽيس موڪلڻ ۽ جڙتو ڪيس داخل ڪرائڻ وارين ڌمڪين خلاف نيشنل پريس ڪلب ايسٽ جي سڏ تي سھراب ڳوٺ ٽائون جي مين ايوب ڳوٺ پراڻي پوليس چونڪي کان ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ايسٽ تائين پھتي. احتجاجي ريلي ۾ سنڌ عوامي سٿ جي اڳواڻ رياض کيمٽيو. عيدل ناگراج. رئوف چنو. ن ليگ جي غلام سرور تنيو. جسقم اڳواڻ عباس جتوئي. سماجي اڳواڻ علي بابا پنھور. نياز راجپر. شاھد عباسي. عرفان علي سولنگي. سينئير صحافين نصرالله جمالي. بشير سنجراڻي. عامر سپريو. عرفان عالماڻي. يشفين. مير علي گوھر بلوچ. جي رام. علي شاھ برفت. اصغر بروھي. ڊاڪٽر عبدالعليم ميمڻ. نظير وڌيو. محمد علي وگھيو. فدا رند. بالاچ شاھاڻي. نذير راڄپر ممتاز شيخ. منصور چانڊيو. عبدالوھاب پھوڙ. امداد لغاري. محمد علي خاصخيلي. اعجاز چانڊيو. عبدالجبار چانڊيو. خالد ساميٽيو. ثناء اللھ ڪاڪڙ. عبيد شاھ. ثناء اللھ ھڪڙو. جلال الدين شاھاڻي. آصف شاھاڻي. روشن شاھاڻي. باقر گوپانگ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ عوامي سٿ جي اڳواڻ رياض کيمٽيو چيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون جو چيئرمين لالا رحيم پٺاڻ ھڪ افغاني آھي جنھن جو شناختي ڪارڊ پڻ بلاڪ ٿيل آھي. جنھن کي پيپلز پارٽي سھراب ڳوٺ ٽائون جو چيئرمين مقرر ڪيو آھي. ھو احسن آباد ۾ ترقياتي ڪم ته ڪرائي پيو پر سنڌي آبادين ۾ گٽرن کي ڍڪڻ به ناھي رکرائي سگھيو. مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر غلام سرور تنيو چيو ته لالا رحيم پنھنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاء ھرجاڻي جو نوٽيس اماڻي رھيو آھي اسين قلم ڌڻين سان ھر محاذ تي گڏ آھيون. سماجي اڳواڻ علي بابا چيو ته ٽائون چيئرمين ڪرپٽ ۽ راشي آھي جنھن ڪروڙين روپيا فنڊ ھجڻ باوجود لاسي ڳوٺ جمع بازار جي مين روڊ تي ٽنن جي صورت ۾ ڪچرو پيل آھي. پنھنجو گند کڻڻ لاء تيار ناھي پر صحافين کي حراسان ڪري رھيو آھي. سينئير صحافين نصرالله جمالي. بشير سنجراڻي. عامر سپريو. عرفان عالماڻي چيو ته صحافين کي ڌمڪين واري معاملي جو سعيد غني نوٽيس وٺي. ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٽائون چيئرمين لالا رحيم خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. ھرجاڻي واري نوٽيس کي آزاد صحافت تي وار سمجھون ٿا. نبي بخش خاصخيلي اڪيلو ناھي اسين ھر محاذ تي ان سان گڏ آھيون. بھتر آھي ته لالا رحيم قلم ڌڻين کان معافي گھري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لالا رحيم
ڪراچي
سھراب ڳوٺ
0 تبصرے