جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول بوائز ڊگري ڪاليج ۾ نشي واپرائڻ سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاء سيمينار منعقد

سنڌي خبرون 16th Oct 2024 130 مناظر
سجاول بوائز ڊگري ڪاليج ۾ نشي واپرائڻ سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاء سيمينار منعقد

سيمينار کي پرنسپل پروفيسر محمد حسن ڀٽي، پروفيسر اديب راتار ۽ ٻين خطاب ڪيو

سجاول (رپورٽر)گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول ۾ نشي واپرائڻ جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاء هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ڪاليج جي شاگردن کي نشي واپرائڻ جي سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏني وئي. سيمينار کي ڪاليج جي پرنسپل پروفیسر محمد حسن ڀٽي. پروفيسر اديب راتار. پروفيسر نعيم الدين شيخ احمد علي سومرو. پروفیسر سيد افتخار شاھ. دائود امر. ۽ ٻين خطاب ڪيو. انھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته نشو هڪ اهڙي لعنت آهي جنھن ۾ نسلن جون نسلون تباھ ٿيو وڃن. انھن چيو ته هر ماڻھون کي نشي کان بچڻ کپي خاص ڪري هن وقت جي نوجوانن کي ان کان پري رهڻ گهرجي. انھن چيو ته تعليم کان پوء جيڪو وقت بچي ان ۾ رانديون يا ٻيون ڪي ڏهڻي سرگرميون ڪرڻ گھرجن. انھن وڌيڪ چيو ته اڄ جا نوجوان ملڪ جو سرمايو آھن انھن کي گھرجي تہ پنھنجي صحت جي حفاظت ڪن. سيمينار ۾ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ