ڪراچي ۾ عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرس لاءِ آگاهي سيمينار منعقد

سيمينار جو مقصد کاڌ خوراڪ ۾ بھتر صحت لاءِ مائڪرو نيوٽريشن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي اھميت بابت آگاهي ڏيڻ ھو: زين العابدين

ڪراچي ۾ عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرس لاءِ آگاهي سيمينار منعقد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ڊي ايڇ او آفيس ڪورنگي ڪراچي ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرس لاءِ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. هن سيمينار جو مقصد کاڌ خوراڪ ۾ بھتر صحت لاءِ مائڪرو نيوٽريشن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي اھميت بابت آگاهي ڏيڻ ھو. زونل مئنيجر نيوٽريشن انٽرنيشنل زين العابدين سيمينار ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته هميشه فورٽيفائيد تيل/گيهه، اٽو ، لوڻ استعمال ڪرڻ گهرجي، جنهن سان آئرن، فولڪ ايسڊ، آيوڊين ۽ وٽامن اي ۽ ڊي جي ڪمي پوري ڪري سگهجي ٿي. پروانشل مينيجر نيوٽريشن انٽرنيشنل معين قريشي چيو ته ملڪ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي جي کوٽ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي،

مائيڪرو نيوٽرينٽس جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مل مالڪن کي ملڪ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي جي مضبوطيءَ لاءِ قانون جو پابند بڻايو ويو آهي، ان قانون موجب ڪا به مل گهربل وٽامن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ خوردني تيل ۽ گيهه پيدا نه ٿيون ڪري سگهن، سنڌ فوڊ اٿارٽي فورٽيفڪيشن قانون تي عمل نه ڪندڙ مل مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. تنھنڪري کاڌ خوراڪ جي سروس مھيا ڪرڻ وارن تنظيمن ۽ ذميوار اڳواڻن کي گھرجي تہ فورٽيفائيڊ آئل استعمال ڪن.

ان موقعي تي حاضرين کي، اي ڊي ايڇ او ڪورنگي ڪراچي مس سعديه جميل ڳالهائيندي چيو ته وٽامن اي ۽ ڊي جي کوٽ اکين ۽ هڏن جي ڪمزوري سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪري ٿي،

ان لاءِ عوامي آگاهي سيشن دوران عورتن ۽ مردن کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته کليل تيل جو استعمال هرگز نه ڪيو وڃي ۽ فورٽيفائيڊ خوردني تيل جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو صحت لاءِ ضروري آهي. تيل خريد ڪرڻ کان اڳ بهتر صحت لاءِ پيڪنگ تي هانڊي جو نشان ضرور ڏسو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڪورنگي شاهه محمد شيخ پڻ حاضرين تي زور ڀريو ته عوام کي آگاهه ڪريو ته کليل آئل ھرگز استعمال نہ ڪري ۽ فورٽيفائيڊ آئل، جنھن تي ھنڊي جو نشان آھي اھو خريد ڪن ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ بيمارين تي ضابطو آڻي سگھجي.