عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ مختلف ھوٽلن ، ريسٽورنٽس ، بيڪريز، مٺائي ۽ ڪيٽرنگ مالڪن لاءِ آگاهي سيمينار منعقد

عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران يونيورسٽي آف ڪراچي ۾  مختلف ھوٽلن ، ريسٽورنٽس ، بيڪريز، مٺائي ۽ ڪيٽرنگ مالڪن لاءِ آگاهي سيمينار منعقد

ڪراچي؛ عالمي تنظيم نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران فوڊ کاتي، يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ مختلف ھوٽلن ، ريسٽورنٽس ، بيڪريز، مٺائي ۽ ڪيٽرنگ مالڪن لاءِ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. هن سيمينار جو اهم مقصد عوام ۾ مائڪرو نيوٽريشن جي آگاهي ڏيڻ هو، خوراڪ جي سروس مھيا ڪندڙن کي آگاهي ڏني ته هميشه فورٽيفاعيد تيل/گيهه، اٽو ، لوڻ استعمال ڪيو. جنهن سان آئرن، فولڪ ايسڊ، آئيوڊين ۽ وٽامن اي ۽ ڊي جي ڪمي پوري ڪري سگهجي. پروانشل مينيجر نيوٽريشن انٽرنيشنل معين قريشي ٻڌايو ته ملڪ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي جي کوٽ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. مائيڪرو نيوٽرينٽ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مل مالڪن کي ملڪ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي جي مضبوطيءَ لاءِ قانون جو پابند بڻايو ويو آهي، ان قانون موجب ڪا به مل گهربل وٽامن کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ خوردني تيل ۽ گهيرو پيدا نه ڪندي. سنڌ فوڊ اٿارٽي فورٽيفڪيشن قانون تي عمل نه ڪندڙ مل مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. تنھنڪري کاڌ خوراڪ جي سروس مھيا ڪرڻ وارن تنظيمن ۽ ذميوار اڳواڻن کي گھرجي تہ فورٽيفائيڊ آئل استعمال ڪن. ان موقعي تي سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي، پروفيسر ڊاڪٽر غفران، فوڊ ڊپارٽمينٽ، يونيورسٽي آف ڪراچي خطاب ڪندي چيو ته وٽامن اي ۽ ڊي جي کوٽ اکين ۽ هڏن جي ڪمزوري سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪري ٿي. ان لاءِ عوامي آگاهي سيشن دوران عورتن ۽ مردن کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته کليل تيل جو استعمال هرگز نه ڪيو وڃي ۽ فورٽيفائيڊ خوردني تيل جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو صحت لاءِ ضروري آهي. تيل خريد ڪرڻ کان اڳ بهتر صحت لاءِ پيڪنگ تي هاندي جو نشان ضرور ڏسو. فوڊ ڊپارٽمينٽ ، يونيورسٽي آف ڪراچي جي چيئرمين پڻ حاضرين کي تاڪيد ڪيو ته ھوٽل، بيڪري، ڪيٽرنگ ۽ مٺائي مالڪن کي گھرجي ته کليل آئل ھرگز استعمال نہ ڪن ۽ فورٽيفائيڊ آئل، جنھن تي ھنڊي جو نشان آھي اھو خريد ڪن ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ بيمارين تي ضابطو آڻي سگھجي.