English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خيرپور ۾ بيواهه جو احتجاج، بااثر تي دوستن سان گڏجي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام
293 views
|
28th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
خيرپور ۾ بيواهه جو احتجاج، بااثر تي دوستن سان گڏجي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام
خيرپور (ڊ ر) خيرپور ۾ لقمان شهر جي رهواسڻ بيواهه عورت مسمات ثمرين پٺاڻ طرفان جمعي ڳوٺ جي رهواسي جوابدار امداد ڦلپوٽو خلاف احتجاج، مسلسل جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جا الزام، پٽ کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون، جوابدار خلاف ڪاروائي ۽ تحفظ جي گهر.مسمات ثمرين ٻڌايو ته سندس مڙس گلشن ڦلپوٽو فوت ٿي چڪو آهي جنهن کانپوءِ هوءَ ڪرائي جي گهر ۾ پنهنجي ٻن ٻارن سميت رهي پئي،ھن چيو ته جمعي ڳوٺ جو رهواسي امداد ڦلپوٽو مسلسل چار سالن کان کيس بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ۽ زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي.ھن چيو ته منع ڪرڻ تان جوابدار امداد ڦلپوٽو منهنجي پٽ سمير کي اغوا ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن شراب جي نشي ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ منهنجي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي پنهنجي دوستن سان گڏ اجتماعي لڄالٽ جو پڻ نشانو بڻايو آهي ڀل منهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.ھن چيو ته جوابدار امداد ڦلپوٽو پٽ جي قتل جون ڌمڪيون ڏئي مون کان لکين رپيا پڻ وٺي ويو آهي.ھن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار امداد ڦلپوٽو خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
خيرپور
اجتماعي زيادت
GANG RAPE
SEX
0 تبصرے