پيرولاشاري ۾ ناري جو والدين سميت ڏير خلاف احتجاج، جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

پيرولاشاري ۾ ناري جو والدين سميت ڏير خلاف احتجاج، جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

پيرولاشاري ۾ ناري جو والدين سميت ڏير خلاف احتجاج، جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو الزام

پيرولاشاري (رپورٽر) پيرولاشاري ۾ بااثر وڏيري جي پٽ جي ظلمن خلاف پورهيت جي نياڻي مائٽن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺ قاسم خاصخيلي واسي نياڻي خالده خاصخيلي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي شادي 7 سال اڳ برادري جي بااثر شخص نظير خاصخيلي جي پٽ الطاف خاصخيلي سان ٿي هئي منهنجي مڙس جي موجود هجڻ باوجود منهنجو ننڍو ڏير بااثر زبير خاصخيلي مونکي زيادتي جو نشانو بڻائندو رهندو هو جنهن جي دانهن مون منهنجي سس کي ڏني جنهن تي منهنجي سس مونکي زبردستي خاموش رهڻ جو چيو، جنھن تي آئون مجبورن خاموش رهيس، ان باوجود به منهنجي مڙس مونکي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي آئون پنهنجي مائٽن جي گهر رهندي آهيان جتي پڻ منهنجو ڏير زبير خاصخيلي رات جو گهر ۾ اچي مونسان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو جنهن جي دانهن اسان تر جي ڪيترن ئي چڱن مڙسن کي پڻ ڏني آهي،