مورو ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

مورو ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

مورو ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

مورو(جاني جماڻي) محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ بعد هر طرف يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون، مجلس عزا برپا، نوحج خواني تي عزادارن پاران عزاداري ڪئي وئي. جڏھن تہ مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ مجلس کي علامہ حسين مصطفي' زينبي خطاب ڪيو. جڏھن تہ شھر جي مختلف پاڙن روڊن تي سبيلون لڳائڻ ۽ علم پاڪ تعزين کي سجائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جڏھن تہ ماتمي قافلو 6 محرم الحرام کان برآمد ڪيو ويندو جيڪو 10 محرم الحرام تائين نڪرندو شام غريبان بعد اختتام تي پھچندو. ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي نظام پڻ سخت ڪيو ويو آھي پوليس سان گڏ علمدار اسڪائوٽ گروپ، مورو اوپن بواءِ اسڪائوٽ گروپ جا رضاڪار پڻ ڊيوٽيون سر انجام ڏيندا جن کي الرٽ ڪيو ويو آھي سيڪيورٽي نظام بھتر ڪرڻ لاءِ مختلف ھنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون پن نصف ڪيون ويون آھن جن ذريعي ھر چرپر تي نظر رکي ويندي.