English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
110 views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي، آبپاشي کاتي، زراعت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. لائيو اسٽاڪ، تعليم، پوليس، صحت، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجود هئا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران بهتر انتظام ڪرڻ سمورن کاتن جي آفيسرن جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪهڙي کاتي وٽ ڪهڙا وسيلا موجود آهن. هن لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حدن ۾ برساتي نالن جي صفائي مڪمل ڪن ۽ انهن جي مشينري کي ڪم جي حالت ۾ رکيو وڃي ۽ برساتن دوران بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته جنريٽر ۽ پيٽرول جا انتظام ڪيا وڃن، سمورن کاتن جا سربراه پنهنجو ڪانٽي جنسي پلان تيار ڪري پيش ڪن، ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪل 70 اسڪيمون آهن، جن مان 47 فعال آهن. 10 مرمت جي قابل آهن ۽ 13 مڪمل طور تي ناڪاره آهن،ان لائيو. اسٽاڪ کاتي جي آفيسر کي ھدايت ڪئي ته هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته چوپائي مال جي تعداد ۽ مختلف بيمارين کان بچاء جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي. هن سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي ادارن سان رابطي ۾ رهن ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رضاڪار ۽ ٻيا وسيلا تيار رکن هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ دوائن ۽ ايمبولينس ۽ عملي جو بندوبست ڪيو وڃي ان آبپاشي کاتي جي آفيسر کي ھدايت ڪئي ته درياه جي بندن تي گهربل مشينري ۽ پٿر وغيره کي فوري طور پھچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز
ڊي سي محمد ارسلان سليم
0 تبصرے