لاهور اڪيڊمي ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي جي الزام هيٺ آيل آفيسر معطل

لاهور اڪيڊمي ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي جي الزام هيٺ آيل آفيسر معطل

لاهور اڪيڊمي ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي جي الزام هيٺ آيل آفيسر معطل

لاھور: پي ڊي ايم اي جي تربيتي ورڪشاپ تي لاهور تربيت لاء اماڻيل فائر اينڊ ريسڪيو 1122 جي عملي سان بداخلاقي وارو معاملو، پنجاب ۽ سنڌ جي ڊي جِيز جي لاهور ۾ گڏجاڻي ٿي گذري، لاهور جي 1122 ٽريننگ اڪيڊمي ۾ گڏجاڻي دوران سنڌ جي تربيتي ريسڪيو عملي ۽ فيميل عملي جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ابتدائي طور تي رات جي وقت نشي جي حالت ۾ مقرر انچارج سي اي او ذميوار قرار ڏنو ويو، پنجاب سان تعلق رکندڙ 1122 ٽريننگ اڪيڊمي جي عملي کان ڊيوٽي وٺڻ لاء مقرر ڪيل الزام هيٺ آيل سي اي او کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو وڌيڪ معاملي جي جاچ لاء انڪوائري ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي انڪوائري ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر حتمي رپورٽ تيار ڪري لاڳاپيل اختيارين کي اماڻيندي تربيت دوران فيل ڄاڻائي بيدخل ڪيل 52 ريسڪيو ملازمن جي مستقبل جو فيصلو نه ٿي سگهيو گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جي بحالي واري کاتي پاران 1122 جي ٻئي مرحلي ۾ فائر اينڊ ريسڪيو لاء تربيت خاطر سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ملازم نوجوانن ۽ ليڍي عملي پاران 1122 ٽريننگ اڪيڊمي لاهور جي انتظاميه جي بداخلاقي واري رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا هئا پي ڊي ايم اي جي اختيارين معاملي جو نوٽيس ورتو فائر اينڊ ريسڪيو بابت سنڌ ۾ مقرر ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ ۽ پنجاب جي ڊي جِي اڄ اڪيڊمي پهچي معاملي بابت ڄاڻ ورتي، پي ڊي ايم اي اختيارين جو چوڻ ھو تھ ابتدائي جاچ ۾ فائر اينڊ ريسڪيو جي عملي کان نائيٽ شفٽ ۾ ڊيوٽي وٺندڙ انچارج سي اي او کي نشي جي حالت ۾ ليڍيز عملي سان بداخلاقي ڪرڻ تي ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ کيس فوري طور تي معطل ڪيو ويو آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ لاء ڪميٽي جوڙي وئي آھي، متاثر نوجوانن عبدالنبي، رحيم هيلايو ۽ ٻين چيو تھ اسانجي سنڌ سان تعلق رکندڙ تربيت دوران فيل ڄاڻائي فارغ ڪيل 52 ريسڪيو عملي جي مستقبل جو اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آھي اڪيڊمي انتظاميه توڙي سنڌ جي ڊِي جي کي درخواست ڪئي آھي ته ان معاملي تي غور ڪري اهو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ 52 ريسڪيو ملازمن کي بحال ڪيو وڃي