English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌڙي ۾ نوجوان ناري جو احتجاج، مڙس تي تشدد ۽ نازڪ عضوي ۾ مرچ وجھڻ جو الزام
39 views
|
19th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌڙي ۾ نوجوان ناري جو احتجاج، مڙس تي تشدد ۽ نازڪ عضوي ۾ مرچ وجھڻ جو الزام
سنڌڙي لڳ ڳوٺ ۾ مڙس پاران زال تي تشدد ۽ عورت جي نازڪ عضوي ۾ مبينا طور مرچون وجھڻ جو الزام، متاثرن پاران ڪاروائي ۽ انصاف جي گھر، خبر موجب سنڌڙي لڳ ڳوٺ ابراهيم مري جي رهواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ ڪويتا ڀيل پنهنجي امڙ ۽ ٻين مائٽن سان گڏ دانهيندي پنهنجي مڙس مٿان الزام هنيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ هو پنهنجن مائٽن ۾ ويل هئي ته صبح مهل گھر ڀاتي ڪمن تي ويل هئا آءُ گھر ۾ اڪيلي هئس ته سندس مڙس يامين عرف جامي ڀيل گھر ۾ داخل ٿي ڪمرو بند ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بنائڻ بعد عورتن واري نازڪ عضوي ۾ مرچون ڀري ڇڏيو تڪليف ٿيڻ تي مون پاران رڙيون ڪرڻ تي مڙس فرار ٿي ويو جڏهن ته پاڙي وارن مائٽن جي مدد سان مون کي سول اسپتال پهچايو جتي ٻه ڏينهن علاج هيٺ رهيس هنن چيو ته مڙس جي ظلم جي خلاف حد جي دلبر مهر ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪنهن قسم جو ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي ۽ نه وري مڙس کي گرفتار ڪري رهي آهي هنن چيو ته پورو ڳوٺ گواھ آهي ته هن کان اڳ به سخت تشدد ڪندو رهندو هو پر هن ڀيرو هن ظلم ڪيو آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زال تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ مڙس خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف ۽ تعفظ فراهم ڪيو وڃي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي دلبر مهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي چيو ته عورت ڪويتا پنهنجي ڀاءُ پريتم سان گڏ مڙس خلاف دانهيون هو اسان کيس ميڊيڪل رپورٽ ۽ علاج لاءِ ليٽر ڏيئي سول اسپتال موڪليو هو اسان کي ميڊيڪل رپورٽ ناهي ملي، هن چيو ته عورت جي شڪايت ملڻ تي سندس مڙس کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس به موڪلي هئي پر هو فرار ٿيل آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ الزام جي تصديق ٿيڻ تي ڪيس درج ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوجوان ناري
سنڌڙي
0 تبصرے