English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن: اياز لطيف پليجو
views
|
20th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پاڪستان جي تعليمي نظام بابت اقوام متحده جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ اقوام متحدہ جي رپورٽ مان ثابت آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ تعليمي سڌارا ناھن. سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي مان ايندڙ حڪمرانن لاءِ اقتدار محض ڪاروبار بنجي ويو آھي. عوام کي جھالت ۾ رکي ووٽ ڏيڻ جي مشين بنايو ويو آھي. ترقي، خوشحالي، تعليم، صحت سميت سموريون سھولتون صرف حڪمران طبقي لاءِ آھن. ڪرپشن ذريعي وسيلن جي لٽمار سبب ملڪي ادارا بي لاڀ ۽ بي فائده ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو غرق آھي. اسڪولن کي مال جا واڙا ۽ ڀانڊا بنايا ويا آھن. اقوام متحده جي اھا رپورٽ ته 56 لک ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن ۽ ھڪ ڪروڙ 4 لک شاگرد سيڪينڊري تعليم کان اڳيان نٿا پڙھي سگھن، اھي انگ بلڪل حقيقت جي عڪاسي آھن. بلڪه صورتحال ان کان به بدتر ھوندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي جي جھيڙي ۾ مھانگائي، بيروزگاري، تعليمي تباھي، صحت جي سهولتن جي اڻھوند، بدامني ۽ ٻيا مسئلا مڪمل نظرانداز آھن، جنھنڪري عوام بدتر حالتن جو شڪار آھي. ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي. ڪرمپور ۾ بندوق کڻي اسڪول ڊيوٽي تي ويندڙ استاد کي ڌاڙيلن شھيد ڪري ڇڏيو. ڌاڙيل راڄ جي ڪري تعليمي نظام بند ٿي ويو آھي پر سنڌ حڪومت کي ڪو احساس ناھي. ملڪ ۾ ڪٿي بہ ائين ناھي جيئن سنڌ ۾ ٿي رھيو آھي. عالمي ادارا تعليم جي سسلي ۾ جيڪا مدد ڪن ٿا اھا بہ ڪرپشن جي نظر ٿيو وڃي. وفاقي حڪومتن مصلحتن سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏہو آھي، جنھنڪري نيب يا ايف آئي اي ڪنھن بہ ڪرپشن جي وڏي مڇي کي قانون جي ڄار ۾ ناھي ڦاسايو. اينٽي ڪرپشن کاتو خود ڪرپشن کي ڪينسر ۾ ورتل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين تعليم کانسواءِ ترقي نٿا ڪري سگھون. تعليم جي بھتري لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ اڳتي اچڻو هوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palejo
0 تبصرے