جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهرو فيروز: سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، مدرسه هاءِ اسڪول ۽ پيپلز اسڪول جو گڏيل اجلاس

سنڌي خبرون 28th Feb 2024 243 مناظر

نوشهرو فيروز: سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، مدرسه هاءِ اسڪول ۽ پيپلز اسڪول جو گڏيل اجلاس

نوشهرو فيروز(ڊر)سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، مدرسه هاءِ اسڪول ۽ پيپلز اسڪول ۾ پلانٽيشن، بيوٽيفڪيشن ۽ سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏيل اجلاس، خبر موجب سنڌ يونيورسٽي سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهرو فيروز جي پرو وائيس چانسلر جي آفيس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاھ، گورنمينٽ مدرسه اينڊ ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز جي ھيڊ ماستر ڪريم بخش سيال، پيپلز اسڪول جي پرنسپال محترمه تفشين ميمڻ، سينئر استادن ڊاڪٽر ممتاز ڏنگراچ، امجد علي ميمڻ ۽ راشد ميمڻ جي ھڪ مشاورتي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ٽنهي ادارن جي تعليمي ماحول سان گڏوگڏ پلانٽيشن، بيوٽيفڪيشن ۽ سڪيورٽي بهتر ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪري گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. حڪمت عملي تحت واسطيدار ادارن کان مدد وٺي ٽنهي ادارن لاء سٺو تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ورتيون وينديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ