ڪوٽڏيجي واسي نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل الزام ھيٺ آيل 2 ڄڻا مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪوٽڏيجي واسي نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل الزام ھيٺ آيل 2 ڄڻا مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪوٽڏيجي واسي نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل الزام ھيٺ آيل 2 ڄڻا مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪوٽڏيجي (رپورٽر) ڪوٽڏيجي معصوم نينگر جا بي رحم قاتل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو موجب ڪوٽڏيجي ۾ معصوم علي رضا حاجاڻو کي بي دردي سان قتل ڪندڙ مير مرتضي وساڻ پٽ ڪريم ڏنو وساڻ،۽ پرويز احمد حاجاڻو پٽ گل محمد حاجاڻو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ، معصوم علي رضا حاجاڻو کي بي دردي سان قتل ڪري سر ڌڙ کان ڌار، ٻانهون الڳ، دل ۽ ڪڙدا ڪڍي قتل ڪيو ويو هو وحشي جوابدارن جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي ته پوليس مٿان جوابدارن فائرنگ ڪئي مقابلي بعد ٻئي مين جوابدار مارجي ويا معصوم علي رضا حاجاڻو منهنجو پٽ هو خيرپور ضلعي جو امن امان خراب ڪرڻ ڪنهن کي نه ڏينداسين ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم کي 5 لک روپيه انعام ڏنو ويندو ڪوٽڏيجي جي شهرين سماجي اڳواڻن پاران ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو پاران معصوم علي رضا حاجاڻو کي بي دردي سان قتل ڪندڙ مين جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تي ساراه ڪئي پئي وڃي