سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ هدايت الله لوهار جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻو، ٺٽو، ڪنڌڪوٽ، نصيرآباد، گمبٽ، تلهار، نيو سعيد آباد، نئون ڪوٽ، مورو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، نصيرآباد ۾ ٻئي ڏينهن به مقتول قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاء مقتول جي ڌيئرن سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آھي ان احتجاجي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن، شهرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي آھي. ان موقعي تي سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار چيو ته مقتول هدايت الله لوهار جي قتل کي اٺ ڏينهن ٿي ويا آھن پر ان جو قتل ڪيس داخل ناهي ٿيو ۽ نه ئي مقتول جا قاتل گرفتار ٿيا آھن جيڪا پوليس جي نااهلي آھي مقتول هدايت الله لوهار کي ٿاڻي ڀرسان قتل ڪيو ويو پر نصيرآباد ڪجهه نه ڪيو هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿيا آھن پر پوليس قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ مقتول ھدايت لوھار جي واقعي جو ڪيس داخل ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ياد رهي ته مقتول هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاء نصيرآباد پ ٽ الف طرفان به اڄ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هيو. قومپرست سياسي سماجي اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار جي بيرحماڻي قتل ۽ سندس وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ٺٽي ۾ به سياسي سماجي قومپرست ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽو پاران ايڌي سينٽر کان مين رڪشا اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽو جي اڳواڻن راول ڪرناڻي گلاب لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ۽ مظاهري ۾ استاد هدايت الله لوهار جي بيرحماڻي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هدايت الله لوهار کي بيگناھ سرعام ڏينهن ڏٺي هٿياربندن فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنهن جون نياڻيون سورٺ لوهار سسئي لوهار ۽ پُٽ سارنگ لوهار انصاف لاء روڊ تي سراپا احتجاج بڻيل آھن پر سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري هنن مطالبو ڪيو ته استاد هدايت الله لوهار جي ايف آء آر وارثن جي مرضي تحت داخل ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، مورو ۾ پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ شفيع محمد سٺيو پاران نصيرآباد ۾ ناحق قتل ٿيل پرائمري استاد هدايت ﷲ لُوهار جي انصاف لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ پ ٽ الف مورو جي اڳواڻن سيد مختيار علي شاھ، محمود اعواڻ، آصف ڪورائي، عبيد الله ابڙو، سيد امتياز علي شاھ، نذير علي مستوئي ۽ ٻين استاد هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب مورو اڳيان سخت نعريبازي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته نصيرآباد جي پرائمري استاد هدايت ﷲ لوهار کي ڪجھ ڏينهن پهريان اسڪول وڃڻ دوران ناحق قتل ڪيو ويو جنهن جو ڪيس هن وقت تائين داخل ناهي ڪيو ويو، اسين مورو تعلقي جا استاد اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ناحق قتل ٿيل پرائمري استاد هدايت ﷲ لوهار جي قتل جو ڪيس داخل ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.نئون ڪوٽ ۾ استاد اڳواڻ هدايت لوهار جي قتل خلاف استاد تنظيم پ ٽي الف پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد عيسي نھڙيو، غلام الله بچاڻي، خان غفار، رحمان نھڙي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو، تلهار.پ ٽ الف تعلقا تلهار پاران هدايت الله لوهار جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف منظور آريسر امرسنگ راٺوڙ طارق جمالي فهيم ميمڻ نديم خواجا ۽ ٻين استادن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جساف طرفان شهيد استاد هدايت لوهار جي بي رحماڻي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لا۽ احتجاج ڪيو ويو۔ جسقم جساف اڳواڻن والي ڏنو سنڌي . حفيظ سنڌي . بشام سنڌي . بشير خان .رفيق لاشاري ۽ ٻين واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو جي احتجاجي سڏ تي پ ٽ الف طرفان استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي استاد اڳواڻن پ ٽ الف تعلقي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي صدر غلام الله سانگي، ضمير گاد، اياز حسين تنيو، محمد شريف عمراڻي، افسر علي قريشي ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، نصيرآباد ۾ مقتول قومپرست ۽ استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاء ٻئي ڏينهن به پ ٽ الف تعلقي نصيرآباد جي سڏ تي استادن ۽ سول سوسائٽي پاران مين پرائمري بوائز اسڪول کان پ ٽ الف جي صدر احمد علي واھوچو، اصغر لاشاري عبدالوھاب بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو آهي. ان موقعي تي هنن چيو ته مقتول هدايت الله لوهار کي ٿاڻي ڀرسان قتل ڪيو ويو پر نصيرآباد پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي جڏھن ته قاتلن جا سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿيا آھن پر پوليس قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ مقتول ھدايت لوھار جي واقعي جو ڪيس داخل ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.نيوسعيدآباد پريس ڪلب اڳيان پ ٽ الف جي استادن جو نصيرآباد جي سينيئر استاد ھدايت لوھر کي ھٿياربندن پاران بيگناھ ۽ بيدردي سان شھيد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي مظاھري کي خطاب ڪندي پ ٽ الف جي اڳواڻن شمس الدين جمالي، فياض قائم خاني، غلام رسول ڏاھري چيو ته نصيرآباد ۾ استاد ھدايت لوھار کي خاص منصوبي تحت قتل ڪري جوابدارن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي ۽ وارثن جي فرياد مطابق جوابدارن جا نالا ايف آ۽ آر ۾ داخل نٿا ڪيا وڃن ۽ کين گرفتار نٿو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين سنڌ جا سمورا استاد سنڌ جي ليول تائين ڀرپور احتجاج ڪندا.