ٺٽي ۾ آزاد اميدوار پھلوان سيد اياز علي شاھھ بخاري پاران چونڊ سرگرميون جاري

ٺٽي ۾ آزاد اميدوار پھلوان سيد اياز علي شاھھ بخاري پاران چونڊ سرگرميون جاري

ٺٽي ۾ آزاد اميدوار پھلوان سيد اياز علي شاھھ بخاري پاران چونڊ سرگرميون جاري

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)پي ايس 76 ساڪرو تڪ جي آزاد اميدوار پھلوان سيد اياز علي شاھ بخاري پاران ساحلي پٽي جي ڪيٽي بندر ڳاڙهو جوھو شھر جا ۽ مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا ويا عوام پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي آهي ان موقعي تي ڪيٽي بندر جوھو ڳاڙهو شھر۾ جلسن کي خطاب ڪندي پي ايس 76 جي آزاد اميدوار پھلوان سيد اياز علي شاھ بخاري خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ٻڪري تي ٺپو هڻي مون کي ڪامياب ڪيو وڃي پ پ پارٽي عوام کي ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجھ به نه ڏنو آهي ساحلي پٽي جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن نوڪرين تي ڌاڙا ھنيا ويا آهن پ پ ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽي ۽ ڪوھستاني پٽي تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن سمنڊ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي عوام کي يرغمال بڻايو ويو آهي پر ھاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪي آهي مخالف اسان جون سرگرميون ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار بڻجي ويا آهن اسان وٽ ووٽرن جو قدر آهي پ پ وارا وڏيرن کي استعمال ڪري رھيا آھن اسان ووٽرن جو قدر ڪندي گھر گھر وڃي رھيا آھيون اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي اصل مقابلو پ پ سان آهي انشاءَ الله 8 فيبروريءَ تي سرخرا ٿينداسين مخالفن کي بدترين شڪست نصيب ٿيندي ان موقعي تي ساحلي پٽي جي عوام مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو جلسي دوران سيد ابراهيم شاه بخاري صفر خاصخيلي سيد رياض شاھ بخاري پھلوان غلام نبي شيدي اسلم پپن ميمڻ شاھد ميمڻ ارشاد شيدي ۽ ٻيا گڏ هئا