سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام جي اين اي 224 جي اميدوار پاران چونڊ سرگرميون شروع

سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام جي اين اي 224 جي اميدوار پاران چونڊ سرگرميون شروع

سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام جي اين اي 224 جي اميدوار پاران چونڊ سرگرميون شروع

سجاول(گلشيرميربحر) جمعيت علماء اسلام سجاول جي اين اي 224 جي نامزد اميدوار مولانامحمدصالح الحداد پنھنجي اليڪشن مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو ضلع سجاول جي مختلف شھرن. چوهڙ جمالي. جاتي. دڙو. ميرپوربٺورو. شاھبندر ۾ ڪارنر گڏجاڻين کان پوء گزريل رات سجاول ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته گزريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪئي پر سنڌ جي عوام کي کوکلي نارن کان سواء ڪجهه نه ڏنون ان چيو ته گذريل مھينا اڳ ٻوڏ ۾ هنن سنڌ جي عوام کي بييارو مددگار ڇڏي ڏنون ۽ سنڌ جا اربين کربين روپيا کائي وئي ان وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو ويو آھي اسپتالن ۾ ڪابه سهولت نه ڏني آھي ۽ صرف اهو چئي ووٽ ورتو ويو ته ڀٽي جو قرض آهي پر هاڻ سنڌ جي عوام بيدار ٿي چڪي آهي هو اهڙي ڪنھن به ناري ۾ نه ايندو ان چيو ته هينئر حق وار عالم جمعیت علماء اسلام جي پليٽ فارم تي ڪتاب جي نشان تي توهان وٽ آيا آھن هڪ دفعو عالمن کي به آزمايو اهي اوهان جي حقن لاء آواز اٿاريندا ۽ توهان کي توهان جا حق ڏياريندا. ان موقعي تي جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻن مولانا غلام حسين ميمڻ. مولانا محمد انور سومرو. مفتي نظيراحمدعمراڻي. مولانا محمد حسن میمن. مولانا محمد اشرف ميمڻ پڻ خطاب ڪيو ڪارنر گڏجاڻي ۾ جمعيت علماء اسلام جي ڪارڪن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي