English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن: اياز لطيف پليجو/ڊاڪٽر قادر مگسي
85 views
|
31st Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن: اياز لطيف پليجو/ڊاڪٽر قادر مگسي
حيدرآباد (بيورو) ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ پي ايس 60 قاسم آباد تڪ تي جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف پليجو سان گڏ پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ اليڪشن ورڪ ڪيو ڳوٺاڻن پاران گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ ڳوٺ مسو ڀرڳڙي پھچڻ تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو، اجرڪن، لنگهين جا وڏي تعداد ۾ تعفا ڏنا. ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد جي جي ڊي اي اميدوار اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن. 8 فيبروري تي سنڌ سان ڪيل ظلمن جو حساب ڪتاب سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ زرداري مافيا وٺندو ۽ زرداري ليگ جي ڪرپٽ نمائندن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا سمورا ادارا تباھ برباد ڪري ڇڏيا. ڪوفي جي ماڻهن کي ڪون سڃاتو تاريخ ۾ غلطي ٿي وئي ڪوفي جي ماڻهن کي خبر ڪا نہ ھي يزيد ڪھڙي پاسي آهي ۽ حسنيت ڪھڙي پاسي آهي، پر سنڌ ڪوفو ڪون بڻجندي سنڌ سمجهي ٿي پندرهن سالن کان يزيزدن اسان جو پاڻي روزگار، تعليم، صحت، شھر، زراعت، ميرٽ، معصوم ٻارڙن جو مستقبل، سنڌ جا سمورا وسيلا لٽي ڦري تباھ ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي بدلي ۾ قاسم آباد سميت سڄي سنڌ کي صاف سٿرو پيئن جو پاڻي ڏيڻ بدران گٽرن جو پاڻي پيارين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان قسمت، نصيب برباد ڪيو آهي ھنن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي ھي پنجن سالن کان پوءِ ظاهر ٿيو ٻٽي فاتعون ڪريو پيسن تي ووٽ وٺيو، تير بجا تير تي ڊانسون ڪرايو، شھيدن جا نعرا ھنايو، برياني جي پليٽ جھمريون ھڻايو وري توهان جي نصيبن تي ٺپو ھڻي تباھ ڪريو ڇڏين. ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجو جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي، اياز لطيف پليجو سدائين سنڌ جو ڪيس وڙھيو آھي گذريل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي جو قبضو رهيو آهي، 8 فيبروري تي سنڌ جو غيرت مند عوام ووٽ ذريعي ان مافيا کي شڪست ڏيندو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ .پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومتن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ڪرپشن، اقرباپروري ھر اداري کي کوکلو ڪري ڇڏيو دنيا صحت جي شعبي ۾ تمام اڳتي آھي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ھيپاٽائٽس، ايڇ آئي وي، ڪينسر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون پکڙيل آھن، دنيا تعليم ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تباھ آھن، دنيا زرعي پيداوار ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ ھاري ۽ آبادگار ڪنگال آھن، زرعي شعبو بدحالي جو شڪار آھي، اھا حالت زندگي جي ھر شعبي سان ڪئي وئي آھي. غريب مسڪين ماڻھن لاءِ بيروزگاري ۽ بدحالي مقدر بنائي وئي آھي. لکين ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ڊاڪٽر قادر مگسي
حيدرآباد
ترقي پسند پارٽي
چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي
0 تبصرے