English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن: اياز لطيف پليجو/ڊاڪٽر قادر مگسي
views
|
31st Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن: اياز لطيف پليجو/ڊاڪٽر قادر مگسي
حيدرآباد (بيورو) ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ پي ايس 60 قاسم آباد تڪ تي جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف پليجو سان گڏ پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ اليڪشن ورڪ ڪيو ڳوٺاڻن پاران گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ ڳوٺ مسو ڀرڳڙي پھچڻ تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو، اجرڪن، لنگهين جا وڏي تعداد ۾ تعفا ڏنا. ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد جي جي ڊي اي اميدوار اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن. 8 فيبروري تي سنڌ سان ڪيل ظلمن جو حساب ڪتاب سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ زرداري مافيا وٺندو ۽ زرداري ليگ جي ڪرپٽ نمائندن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا سمورا ادارا تباھ برباد ڪري ڇڏيا. ڪوفي جي ماڻهن کي ڪون سڃاتو تاريخ ۾ غلطي ٿي وئي ڪوفي جي ماڻهن کي خبر ڪا نہ ھي يزيد ڪھڙي پاسي آهي ۽ حسنيت ڪھڙي پاسي آهي، پر سنڌ ڪوفو ڪون بڻجندي سنڌ سمجهي ٿي پندرهن سالن کان يزيزدن اسان جو پاڻي روزگار، تعليم، صحت، شھر، زراعت، ميرٽ، معصوم ٻارڙن جو مستقبل، سنڌ جا سمورا وسيلا لٽي ڦري تباھ ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي بدلي ۾ قاسم آباد سميت سڄي سنڌ کي صاف سٿرو پيئن جو پاڻي ڏيڻ بدران گٽرن جو پاڻي پيارين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان قسمت، نصيب برباد ڪيو آهي ھنن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي ھي پنجن سالن کان پوءِ ظاهر ٿيو ٻٽي فاتعون ڪريو پيسن تي ووٽ وٺيو، تير بجا تير تي ڊانسون ڪرايو، شھيدن جا نعرا ھنايو، برياني جي پليٽ جھمريون ھڻايو وري توهان جي نصيبن تي ٺپو ھڻي تباھ ڪريو ڇڏين. ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجو جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي، اياز لطيف پليجو سدائين سنڌ جو ڪيس وڙھيو آھي گذريل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي جو قبضو رهيو آهي، 8 فيبروري تي سنڌ جو غيرت مند عوام ووٽ ذريعي ان مافيا کي شڪست ڏيندو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ .پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومتن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ڪرپشن، اقرباپروري ھر اداري کي کوکلو ڪري ڇڏيو دنيا صحت جي شعبي ۾ تمام اڳتي آھي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ھيپاٽائٽس، ايڇ آئي وي، ڪينسر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون پکڙيل آھن، دنيا تعليم ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تباھ آھن، دنيا زرعي پيداوار ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ ھاري ۽ آبادگار ڪنگال آھن، زرعي شعبو بدحالي جو شڪار آھي، اھا حالت زندگي جي ھر شعبي سان ڪئي وئي آھي. غريب مسڪين ماڻھن لاءِ بيروزگاري ۽ بدحالي مقدر بنائي وئي آھي. لکين ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ڊاڪٽر قادر مگسي
حيدرآباد
ترقي پسند پارٽي
چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي
0 تبصرے