ميان صاحب ڀرسان تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي، 5مسافر فوت، 19زخمي

ميان صاحب ڀرسان تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي، 5مسافر فوت، 19زخمي

ميان صاحب ڀرسان تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي، 5مسافر فوت، 19زخمي

ميان صاحب (رپورٽر) ميان صاحب ڀرسان ٺل همايون روڊ تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 مسافر ٿڏي تي فوت ۽ هڪ مسافر جيڪب آباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، فوتين جو انگ چار ٿي ويو جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 19 مسافر زخمي ٿيا، ميان صاحب ٿاڻي جي حد همايون ميان صاحب روڊ تي جيڪب آباد کان ٺل ويندڙ مسافر وين تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي وين ڪلٽي ٿيڻ ڪري مير پور ٻرڙو واسي 30 ورهين جو نوجوان طارق علي پٽ عبدالنبي ٻرڙو ٖ ٺل جي ڳڙهي حسن واسي نوجوان 32 سالا سجاد علي پٽ سردار خان سرڪي ۽ جيڪب آباد جي نوراهہ واسي پيرسن افخاني پٽ محمد عمر لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ مسافر مبارڪپور لڳ ڳوٺ شاهل واسي پيرسن حافط غلام نبي مستوئي جيڪب آباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، محمد عامر پٺاڻ ٖ عبدالنبي ڪلر ٖ شمس الدين ماڇي، محمد موسي پٽ جڙيل، صبا لاشاري ڌي غوث بخش عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 19 مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ميان صاحب اسپتال آندو ويو آهي جڏهن ته جن جي حالت نازڪ هئي انهن زخمين کي شڪارپور ،جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب حادثو وين جي ايڪسل ٽٽڻ سبب پيش آيو جنهن سبب تيز رفتار وين وڻ سان ٽڪرائجي کڏ ۾ ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي اطلاع تي ڪيترائي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، ميان صاحب اسپتال ۾ ايمبولينس جي سهولت نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن زخمين کي چڱي رڪشائن، گڏھ گاڏن تي کڻي اسپتال منتقل ڪيو، بعد ۾ سلطان ڪوٽ کان ايمبولنس پهچڻ بعد بقايا زخمين کي علاج لاءِ شڪارپور ۽ جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙه سندن گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.