هنڱورجا ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مهرين ڀٽو مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري جي گھر پھتي

هنڱورجا ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مهرين ڀٽو مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري جي گھر پھتي

هنڱورجا ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مهرين ڀٽو مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري جي گھر پھتي

ھنڱورجا (رپورٽر) ھنڱورجا جي غريب آباد محلي ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل 13 سالا نينگري ڪومل سومرو سان انصاف نه ٿيو وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ نينگري انصاف نه ٿيڻ تي پاڻ کي مارڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ڇھ ڏينھن اڳ ٽن جوابدارن پاران غريب آباد محلي ۾ لڄالٽ جو شڪار بڻيل 13 سالن جي نينگري ڪومل سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو تہ مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ سندس جي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ توڙي راڄوڻي ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ تي وارث پريشان ء مايوسي جو شڪار ٿي ويا آھن نينگري ڪومل سومرو انصاف نه ٿيڻ تي پاڻ کي مارڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو .جڏنھن ته نينگري جي پي منظور سومرو ۽ والده بلقيس سومرو جو چوڻ آھي ته جوابدار ڌر با اثر ھجڻ ڪري اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي لاء ڌمڪايو پيو وڃي پر اسان غريب آھيون اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي پر ھڪ جوابدار اڃان تائين آزاد گھمي رھيو آھي ھنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻارڙن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن کي مدد جي اپيل ڪئي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو ھنڱورجا جي سومرا محلي ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل 13 سالا نينگري ڪومل سومرو جي گھر پھچي نينگري ۽ ان جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ ڪومل سومرو کي آٿت ڏني اسين ھر محاذ تي اوھان سان گڏ آھيون ۽ ڊاڪٽر مھرين ڀٽو ميڊيا ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي مظلوم نياڻين کي انصاف نہ پيو ملي ۽ اسين ڪومل سومرو سان ۽ ان جي والدين سان گڏ آهيون ۽ جوابدارن کي قانون جي مطابق عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي اھڙا واقعيہ پيش نہ اچن