ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شريڪ

ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شريڪ

ڏوڪري ويجھو پ پ اميدوار نظير ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شريڪ

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل سهيڙ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ جي حمايت ۾ ڪارنر گڏجاڻيون، گڏجاڻين ۾ يونين ڪائونسل سهيڙ واسين 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي اڪثريت سان ڪامياب ڪري مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا. يونين ڪائونسل سهيڙ ۾ معززين پاران پاڪستان پيپلزپارٽي پاران نامزد ڪيل ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ، ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو جي ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايو ويون، ڪارنر گڏجاڻي ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، محمد علي راڄپر، علي اصغر ميمڻ، رئيس مظفر خان چانڊيو، شڪيل مينگل، حبيب ﷲ کوکر، شوڪت علي سومرو، شفقت حسين سومرو، محمد صفر جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ، ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پي ايس 13 جو عوام بهادر آهي ۽ 8 فيبروري تي پولنگ اسٽيشن تي ڀرپور شرڪت تي تير تي ٺپو هڻي اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو ۽ پي ايس 13 جي ايم پي اي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ کي اڪثريت سان ڪامياب ڪري مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ملڪ جو عوام وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري کي ڏسڻ چاهي ٿو ۽ 8 فيبروري تي ملڪ جو عوام تير تي ٺپا هڻي بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائيندو.