English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلزپارٽي ۽ زرداري سنڌ کي ايٿوپيا ۽صوماليا بڻائي ڇڏيو. اھي سنڌ جي عوام کي غلام سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
221 views
|
22nd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي ۽ زرداري سنڌ کي ايٿوپيا ۽صوماليا بڻائي ڇڏيو. اھي سنڌ جي عوام کي غلام سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ، ڳوٺ قادر بخش نوحاڻي پھتو جتي علائقي رھواسين دھلن شرنائين سان سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ لنگهين، اجرڪن جا تعفا ڏنا ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري سنڌ کي اٿيوپيا ۽صوماليا بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي عوام کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي ۽ جمھوريت جو ڪوڙو نعرو ھڻي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي غريب عوام جي ترقي جو ڪو بہ پروگرام نہ آهي،اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي ھي ڪروڙين روپيا اليڪشن تي خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي عوام کي بدحال ڪن ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب، بلوچستان ۽ پختونخواھ ۾ اليڪشن ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙھي ويندي آھي سنڌ ۾ عوام جي راءِ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. پيپلز پارٽي 15 سالن جي اقتداري دؤر ۾ ڪي بہ روزگار جا وسيلا پيدا نہ ڪري سگھي آھي. زرعي تباھي، بک، بدحالي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي ڇڏيو آهي پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ اقتدار جي حوس ۾ سنڌ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، 8 فيبروري تي عوام جي طاقت سان ڪرپٽ مافيا کي شڪست ملندي. زرداري مافيا سنڌ جي معيشت زراعت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 15 سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪا ھڪ بہ نئي ميڊيڪل، زرعي يونيورسٽي ڪنھن بہ ضلعي ۾ نئين صنعت نہ ڏني آهي. زرداري مافيا سنڌ جي معيشت، زراعت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. نامياري اديب دانشور انعام شيخ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي جنهن پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. انعام شيخ چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي 8 فيبروري سنڌ جي تقدير بدلائڻ جو ڏينهن آهي، قاسم آباد جي عوام کي گھرجي تہ 8 فيبروري تي پنهنجي فيملين سان گڏ گھرن مان نڪري پولنگ اسٽيشن پھچي تاري تي ٺپو هڻي .سنڌ جي سگھاري آواز اياز لطيف پليجو کي اسيمبلي پھچايو. ڪارنر گڏجاڻين کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو، انور نوحاڻي، اشرف پليجو ،شوڪت تنيو ،رفيق ڪنراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
قاسم آباد
QAT
ayaz latif palejo
0 تبصرے