ڪراچي: اين اي 235 ۽ پي ايس 98 جي اميدوارن آصف خان ۽ حاڪم جسڪاڻي پاران مختلف علائقن جا دورا

ڪراچي: اين اي 235 ۽ پي ايس 98 جي اميدوارن آصف خان ۽ حاڪم جسڪاڻي پاران مختلف علائقن جا دورا

ڪراچي: اين اي 235 ۽ پي ايس 98 جي اميدوارن آصف خان ۽ حاڪم جسڪاڻي پاران مختلف علائقن جا دورا

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي)اين اي 235 قومي اسيمبليء جي اميدوار آصف خان ۽ پي ايس 98 جي اميدوار ڪراچي جي عندليب سوسائيٽي۔ زينت آباد سوسائيٽي ۔ پنجابي سوداگران۔ ھاشم آباد سوسائيٽيء جي عندليب چوڪ تي پھچي ثرانسفارمر ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو افتتاح ڪيو۔ ان موقعي تي عندليب سوسائيٽيء جي محمد يونس ميمڻ۔ زينت آباد جي ھارون بارڪ۔ پنجابي سوداگران جو محمد طارق۔ ھاشم آباد سوسائيٽي جو محمد سلمان ميمڻ پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي ۽ اين اي 235 جي اميدوار آصف خان کي گلن جا ھار پارائي شاندار افتتاح ڪيو۔ سوسائيٽين جي اڳواڻن اميدوارن کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان جي علائقن ۾ ( اسٽريٽ ڪرائم ) روڊن تي ڏوھ ٿيڻ ڪري علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي ان تي ضابطو آندو وڃي۔ ان موقعي تي عوام سان ڳالھائيندي پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء چيو ته اسان اوھان سان واعدو ٿا ڪريون ته ھاڻ اوھان کي ڪا به تڪليف نه ايندي ۽ حد جي ايس پيء سان ڳالھايون ٿا ته ھتي روڊ تي پوليس جو گشت وڌايو وڃي۔ پر اوھان کي به ھڪ واعدو ڪرڻو پوندو ته اسان اليڪشن ۾ کٽي اچڻ کان اڳ ۾ اوھان جي علائقن ۾ ڪم ڪرائيڻ شروع ڪيا آهن پر اوھان به 8 فيبرويء تي پنهنجي گھرن مان ٻاھر نڪري اسان جو ساٿ ڏيندا۔ اين اي 235 جي اميدوار آصف خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان گڏ آهي ۽ اسين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جا سپاھي اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻائينداسين۔ پر اوھان به چيئرمين بلاول ڀٽو جو ساٿ ڏيو اسان کي ووٽ ڪيو ۔ ان موقعي تي سرور غازي۔ لياقت بليدي۔ محمد سلمان جسڪاڻي۔ مراد بلوچ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي