مورو جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي آھي، اليڪشن ۾ پ پ ئي سوڀاري ٿيندي: ضياءَ الحسن لنجار

مورو جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي آھي، اليڪشن ۾ پ پ ئي سوڀاري ٿيندي: ضياءَ الحسن لنجار

مورو جي عوام  جي دل سان  خدمت ڪئي آھي، اليڪشن ۾ پ پ ئي سوڀاري ٿيندي: ضياءَ الحسن لنجار

مورو (رپورٽر) مورو جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي آھي. وڌيڪ بہ خدمت جو جذبو آھي انشااللہ مورو کي بنيادي سھولتن سان آراستہ ڪندا سين اھڙن خيالن جو اظھار پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد بي نظيرہ آباد ڊويزن جي صدر ضياالحسن لنجار زون ٽو جي وارڊ جي معززين سان ميٽنگ دوران ڪيو ضياالحسن لنجار مختلف برادرين کان ووٽن جي سلسلي سھولتڪاري بابت صلاحون مشورا ڪيا ان موقعي تي سولنگي سومرا چوھاڻ آرائین سھتا جوکيا شيخ مغل کوسہ ملڪ برادرين جي معززين سميت سٽي صدر سيد ڪاظم علي شاھ چيئرمین مورو ميونسپل ڪاميٽي نظير احمد ميمڻ پ پ پ سٽي مورو جو جنرل سيڪريٽري سيد علي اڪبر شاھ انفارميشن سيڪريٽري خادم بالادي مشتاق سولنگي پڻ موجود ھيا.