ٿرپارڪر جي اين اي 215 جي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير سان ڀيل برادري جي ملاقات

ٿرپارڪر جي اين اي 215 جي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير سان ڀيل برادري جي ملاقات

ٿرپارڪر جي اين اي 215 جي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير سان ڀيل برادري جي ملاقات

مٺي(رپورٽر)ٿرپارڪر جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 215 جي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير سان تڪ جي مختلف ڳوٺن جي ڀيل برادري بجير هائوس تي پهچي مليل انتخابي نشان مور پکي ۽ آزاد حيثيت ۾ بيهڻ جي مبارڪباد ڏيندي کيس حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته اين اي 215 جي مختلف ڳوٺن کوروڙو ، هيلاريو ، ڊاڀو ڀيل ، منجي ڍاڻي ، ويري جي ڍاڻي ، روهيڙو ، ڪونپي جي ڍاڻي ، آنٻي جي ڍاڻي ، ملوڪ جي ڍاڻي ، جي مختلف رهواسين ساهو ڀيل ، ويرو ڀيل ، رتن ڀيل ، ڪانجي ڀيل ، مهندرو ڀيل ، ڪرشن ڀيل ، جبل ڀيل ، ڏانو ڀيل ، ڪلو ڀيل ، ڪيسرو ڀيل ، الو ڀيل ، راسو ڀيل ، مٺو ڀيل ۽ ٻين پنهنجن رشتيدارن سميت آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير جي حمايت جو اعلان ڪندي 8 فيبروري تي انتخابي نشان ٿر جي حسين پکي مور تي ووٽ ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرائي، ان موقعي تي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير آيل ڀيل برادري جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته آئون ٿر جي مظلوم ۽ پيڙهيل برادرين جو نمائندو آهيان اوهان جا سور ۽ منهنجا سور ساڳيا آهن ۽ سدائين سرمائيدار ۽ وڏيرا اسان جي ووٽ تي چونڊجي اسان جي حقن تي ڌاڙو هڻندا رهيا آهن پر هن ڀيري ٿر جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي مون جهڙي مسڪين ماڻهو کي 8 فيبروري تي ٿر جي فطري سڃاڻپ رکندڙ منهنجي انتخابي نشان مور پکي تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندا ۽ آئون عوام جي ووٽ جي بدلي اميدن تي پورو لهندس ان موقعي تي آزاد اميدوار وڪيل محمد ميئن بجير سان ٿر سٽيزن فورم جي وفد اعجاز بجير ۽ جي ايم بجير جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪري 18 جنوري تي "جنرل اليڪشن2024 ۽ ٿر جا مسئلا" جي عنوان سان عوامي اسيمبلي جو دعوت نامو پڻ ڏنو.