سجاول ويجھو حادثي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت، 8 ڄڻا زخمي

سجاول ويجھو حادثي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت، 8 ڄڻا زخمي

سجاول ويجھو حادثي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت، 8 ڄڻا زخمي

سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ سوزوڪي پڪ اپ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب ماء پٽ موقعي تي فوت، 4 عورتون ۽ ٻار سميت 8 ڄڻان سخت زخمي ٿي پيا. سجاول-بٺورو روڊ تي گرڊ اسٽيشن وٽ سوزڪي ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ سجاول واسي سنڌ جي ناليواري فنڪار خداڏنو ٺاراڻي جي ڌيء ۽ 2 مھينن جو ڏوھٽو موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن تہ 4 عورتون ۽ ھڪ ٻار سميت 8 ڄڻان سخت زخمي ٿي پيا. جن کي سول اسپتال سجاول پھچايو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد 4 عورتون ۽ ھڪ مرد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.