ڪراچي ۾ سنڌ بروھي اتحاد پاران پ پ اميدوارن آصف خان ۽ بشير بروھي جي حمايت جو اعلان

ڪراچي ۾ سنڌ بروھي اتحاد پاران پ پ اميدوارن آصف خان ۽ بشير بروھي جي حمايت جو اعلان

ڪراچي ۾ سنڌ بروھي اتحاد پاران پ پ اميدوارن آصف خان ۽ بشير بروھي جي حمايت جو اعلان

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي سنڌ بروهي اتحاد پاران بروهي برادري جي بزرگن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار قومي اسيمبلي اين اي 235 آصف خان ۽ پي ايس 97 بشير بروهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪنوينر ضلعي اوڀر جي اميدوار اين اي 235 آصف خان ۽ پ پ اميدوار پي ايس 97 بشير بروهي جھونجھار بروهي ڳوٺ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مير وحيد چاڪر بروهي جي رهائشگاهه تي سنڌ بروهي اتحاد، بروهي برادري، مقامي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اين اي جي اميدوار آصف خان چيو ته پيپلز پارٽي عوام ۽ پٺتي پيل طبقن جو طاقتور آواز آهي، عوام جي مسئلن جو عملي حل پيپلزپارٽي جي منشور ۾ شامل آهي. 40 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين ڪراچي جي عوام جي ڪا به خدمت ناهي ڪئي، ٻي طرف پي ايس 97 جي اميدوار بشير بروهي چيو ته هو ڪچين آبادين کي بچائيندا ۽ انھن کي مالڪاڻان حق وٺرائي ڏيندا. مخالف جماعت جا ماڻھون ڳوٺاڻن کان مالڪي جا حق کسڻ تي بيٺي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت مالڪاڻا حق ضرور ڏينداسين. ڪچي آبادي ۾ رهندڙ شهرين جي استقباليه تقريب ۾ مرڪزي چيئرمين سنڌ بروهي اتحاد رئيس علي حسن بروهي ۽ جليل بروهي، عبدالرزاق بروهي، حسن بروهي، مير عارف حسين بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.