ٺٽي ۾ چونڊ سرگرميون تيزي سان جاري، صادق ميمڻ ڄام ھائوس گھارو پھچي ويو

ٺٽي ۾ چونڊ سرگرميون تيزي سان جاري، صادق ميمڻ ڄام ھائوس گھارو پھچي ويو

ٺٽي ۾ چونڊ سرگرميون تيزي سان جاري، صادق ميمڻ ڄام ھائوس گھارو پھچي ويو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) عام چونڊن ۾ سمورن اميدوارن پاران پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيو آھن، ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر، اين اي 225 ٺٽو تي نامزد پ پ پ اميدوار صادق علي ميمڻ ڄام ھائوس گھارو تي پھچي اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس بجار خان جوکيو سان ملاقات ڪري ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالھ بولھ ڪئي، جتي پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس بجار خان جوکيو اين اي 225 ٺٽو تي نامزد ڪيل پ پ جي اميدوار صادق ميمڻ کي خاطري ڪرائي تہ ھو ساڻن گڏ اھي، سندس تڪ سميت ضلعي ٺٽي جي عوام پاران پ پ پ جي سمورن اميدوارن کي ووٽ ڏيئي کين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي گھارو ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ڄام احسان جوکيو، سيد محمود عالم شاھ بخاري، امتياز احمد قريشي، ممتاز علي چنڊ ميمڻ، جھانگير خان پالاري ۽ ٻيا موجود هئا. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر، NA 225 ٺٽو جي پ پ پ اميدوار صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، انفارمیشن سيڪريٽري محمود عالم شاھ بخاري، جھانگير خان پالاري، ممتاز علي ميمڻ، رئيس سليم گندرو، آفتاب عالم سومرو، رئيس ممتاز علي جاکرو ۽ ٻين پاران اليڪشن ڪيمپ آفيس گهارو شھر جو دورو ڪيو، جتي پ پ پ اڳواڻن جو مولوي قاسم چانڊيو سميت ٻين شھرين توڙي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران سندن شاندار استقبال ڪندي کين اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي اين اي 225 ٺٽو تي پ پ پ پاران نامزد ڪيل پ پ پ اميدوار صادق علي ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي، پ پ پ جو منشور ئي عوامي خدمت ڪرڻ آھي، جيڪا اسان ڪري رهيا آھيون، ھن چيو تہ 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ عوام تير تي ٺپو هڻي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائيندي جنهن سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.