English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
46 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ ۽ بند اسڪولن کي کولرائڻ لاء جمالي پل سپر ھاء وي کان سنڌ آباد تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، تفصيل موجب ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران محمد سچل وڌيو. محمد قاسم پٺاڻ. مشتاق احمد اڄڻ. پي ايس 98 جو اميدوار پير فرخ شاھ سرھندي. آپا امير زادي. علي بخش چنه. عاشق وڌيو. ذوالفقار سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ عمارتن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي. اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي جنھن سبب معصوم ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. سپر ھاء وي ڀرسان ھزارين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن جن وٽ اسڪول ناھي ھي معصوم ٻارڙا پنڻ ۽ سماجي براين جي ور چڙھيل آھن. ھنن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم بھتر نہ ھجڻ ڪري والدين ھن منھگائي جي دور ۾ ڳريون فيسون ادا ڪري پنهنجن ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ تي مجبور آھن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري اسڪول ناھن ۽ ڪٿي ته استادن جي کوٽ آھي ته ڪٿي عمارتون زبون بڻيل آھن. ھنن چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي. سرڪاري اسڪولن ۾ مفت درسي ڪتابن سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم يافته استادن کي مقرر ڪري روزانو جي بنياد تي چيڪ بيلنس کي برقرار رکيو وڃي. گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن سرڪاري اسڪولن جي تعليم بھتر ٿي سگھي. ان لاء والدين، ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي کي اڳتي اچي پنھنجو قردار ادا ڪرڻو پوندو. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاء بند پيل اسڪولن کي کولرايو وڃي ته جيئن مستقبل جا معمار تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
بھار فائونڊيشن
گريوا پاران
0 تبصرے