English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا: اياز لطيف پليجو
61 views
|
27th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
پ پ سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي.سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي جنهن پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو.پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن سنڌ جي وسيلن کي تين وال وڪيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي. شھرن جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيون تعليم ۾ پٺٽي پيل آھن. سنڌ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بھتر بنايو وڃي. ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري سھولتون ڏنيون وڃن. خاص طور نياڻين جي تعليم کي بھتر ڪيو وڃي. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palijo
qaumi awami tehreek
0 تبصرے