بلاول ڀٽو زرداري جي نوشھروفيروز ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل پ پ اڳواڻن ۽ جيالن جي وارثن سان تعزيت

بلاول ڀٽو زرداري جي نوشھروفيروز ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل پ پ اڳواڻن ۽ جيالن جي وارثن سان تعزيت

بلاول ڀٽو زرداري جي نوشھروفيروز ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل پ پ اڳواڻن ۽ جيالن جي وارثن سان تعزيت

نوشهرو فيروز(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوشھرو فيروز پهتو جتي شڪارپور روڊ حادثي جي، پي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خليفا شڪيل احمد ميمڻ، نادر چانڊيو، ڳهڻو خان ٽڳر، جوجي سومرو ۽ مظفر ڀٽو جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ مراد علي شاهه ۽ ٻيا پي پي اڳواڻ به گڏ هئا. خليفه شڪيل احمد جي ڌيئرن ڊاڪٽر بینظیر میمڻ ۽ نثاءِ شڪیل، جوجي سومري جي پيءُ اياز سومرو، نادر چانڊيو، گهڻو خان تڳر ۽ مظفر ڀٽو جي پونئيرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان. واضح رهي پي پي جا جيالا ڪوئيٽا ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس واري جلسي ۾ شرڪت کان پوءِ واپس نوشهرو فيروز اچي رهيا هئا ته شڪارپور ويجهو سندن گاڏي سان حادثو پيش آيو هو.