جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته چونڊن کي طاقت ۽ پيسي جي راند بڻائڻ بدران قابليت، ڪردار ۽ خدمت کي بنياد بڻايو وڃي، جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي، عوام 08 فيبروري تي “ساهمي” جي نشان تي ٺپو هڻي حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي ترقي ۽ تعمير جي شروعات ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن جي اليڪشن جائزي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالوحيد قريشي، حافظ طاهر مجيد، ضلعي امير عقيل احمد خان ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سميت زونل ذمه دار پڻ موجود هئا. صوبائي امير سڄي ملڪ خاص طور پنجاب ۾ اُميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ دوران بدمزگي ۽ پوليس پاران اُميدوارن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن کي جمهوري نظام لاءِ زهر قاتل قرار ڏيندي چيو ته هر ڀيري چونڊن کي تڪراري بڻائڻ سان عوام جو چونڊن واري سموري نظام تان ڀروسو ختم ٿي رهيو آهي، اسٽيبلشمنٽ في الفور سياست مان مداخلت ختم ڪري سڀني سياسي جماعتن کي برابري جي بنياد تي چونڊ مُهم هلائڻ جي اجازت ڏئي انتخابي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. محمد حسين محنتي بلوچ مسنگ پرسن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ رٿيل احتجاجي مارچ جي شرڪاءُ مٿان پوليس جي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو ته طاقتور قوتن 16 ڊسمبر71 جي واقعي مان سبق سکڻ بدران ملڪ ۽ قوم کي وڌيڪ آزمائش ۾ وڌو پيو وڃي جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو، جماعت اسلامي ظلم خلاف ۽ مظلومن سان گڏ بيٺل آهي.#